سومرو (امير)
From Wikipedia, the free encyclopedia
سومرو(امير)(انگريزي: Soomro) سومرن جو ھڪ امير يا سردار جنھن ڏکڻ سنڌ جي علائقي تي سومرا گھراڻي جي حڪومت جو باني ۽ پھريون سومرو بادشاھ ٿيو. رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ جيئن سومرن جي بيان ۽ نالن ۾ مؤرخن جو اختلاف آهي، تيئن سندن تختگاهَن متعلق به مؤرخن ۾ اختلاف آهي. ڪي ديرگ پرڳڻي کي سري ۾، ڪي لاڙ ۾ ۽ ڪي وري ٿر ۾ ڏيکارين ٿا. ان ڪري سومرن جي اوائلي تختگاه محمد تور جي جاءِ وقوع متعلق چئي نه ٿو سگهجي ته سري ۾ هو يا ٿر ۾ هو.ديرگ پرڳڻي کي الور جي ڀر ۾ بيان ڪرڻ کان پوءِ ايليٽ وري لکي ٿو ته، ”ديرگ پرڳڻو جت سومرن جو تختگاه محمد تور واقع هو، سو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي هو! يعني پارڪر ۽ ونگا بزار جي وچ ۾ ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هو. اهو ديرگ پرڳڻو ٿر جي وارياسي ميدان کان وٺي، هاڻُڪي ٺٽي شهر تائين ليکجڻ ۾ ايندو هو. محمد تور جي جاءِ تي پوءِ ٿري شهر قائم ٿيو، جو بدين جي ويجهو هو.“ سومرن جو ٻيو تختگاه وجيه ڪوٽ يا ويڳهيه ڪوٽ لاڙ پرڳڻي ۾ هاڻوڪي پراڻ ڍوري جي ڪناري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. مٿين ڦٽل شهرن جا نشان اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿا. محمد طور جي ويرانيءَ بعد، سومرن جو وڏو تعداد اتان لڏي، سمن سان گڏ سندن قديم شهر ساموئيءَ ۾ اچي رهيو، جو مڪلي ٽڪريءَ جي دامن ۾ هاڻوڪي ٺٽي شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو. ’بيگلار نامه‘ (دستخط صفحي 8) ۾ لکيل آهي ته سومرن سنڌ تي پنج سؤ ورهيه حڪومت ڪئي هئي ۽ سندن تختگاه مهاتم پور (مهاتم تور) هو. خبر نه ٿي پوي ته هي شهر ڪٿ هو، مؤرخن جو گمان آهي ته شايد اهو ساڳيو محمد طور شهر هو، جنهن کي ’بيگلارنامه‘ جي صاحب مهاتم تور ڪري لکيو آهي.مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ ۾، محمد يوسف جي ’منتخب التواريخ‘ تان نقل ڪري ٿو: ”جڏهن سلطان عبدالرشيد بن محمود جي سنڌ تي حڪومت هئي، تڏهن سنڌين سندس ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، سنه 445ههھ (1053ع) ۾ سومرن جي قبيلي ٿريءَ ۾ گڏ ٿي، سومره نالي هڪڙي بادشاهه کي اڳواڻ مقرر ڪيو، جنهن کي هڪڙو پٽ ڀونگر نالي سعد زميندار جي ڌيءَ جي بطن مان ڄائو. ڀونگر پنج ورهيه حڪومت ڪئي ۽ سنه 461ههھ ۾ وفات ڪئي.“[2]جي- ايبٽ پنهنجي تحقيقات موجب سومرن کي راجپوت لکي ٿو، سندس بيان موجب سنڌ کان سواءِ ڪڇ، گجرات ۽ سورت تائين سندن حڪومتون هيون.[3] مولوي نجم الغني پنهنجي ’وقائع راجسٿان‘ ۾ سومرن متعلق جيڪا جديد تحقيقات ڪئي آهي، سا ايبٽ جي بيان کان وڌيڪ تحقيقات تي مبني آهي. سندس بيان آهي ته سومرا سورج بنسي خاندان مان پرمار راجپوت آهن. ڪي چون ٿا ته چندر گپت جو اولاد آهن، ڪن جي راءِ آهي ته اوڌ جي راجا رامچندر جي پٽ سپومتر جي شاهي نسل مان آهن. پرمار راجپوتن جي نون راجائن ستلج کان وٺي دکن تائين چوڏهن حڪومتون کڙيون ڪيون هيون، جن جا چوڏهن تختگاه هي هئا: مهيشور، ڌار، مانڊو، اجين، چندر ڀاگا، چتور، آبو، چندراوتي، موميدنه، پرماوتي، امرڪوٽ، بکر، لوه دره ۽ پٽن. مٿيان ڪي شهر هنن فتح ڪيا هئا ۽ ڪي نوان تعمير ڪرايا هئائون. سندن پنجٽيهن خاندانن مان ڇهين خاندان مان امره سومره اسلام اختيار ڪيو هو.[3] “ گويا جيئن اندلس تي عربن جي اٺن صدين جي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ اتي جي عيسائي رهاڪن ٻيهر ملڪ تي قبضو ڪيو هو، تيئن عربن جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ کان پوءِ اٺن صدين گذرڻ بعد، سومرا سنڌ جا پهريان باشندا هئا، جن سنڌ تي وري قبضو ڪيو. [2]تاريخ سومرا سنڌ م لکيل آهي تہ:سن 445ھ ۾ سومرا ماڻهو ”ٿري جي آسپاس گڏ ٿي، سومري نالي شخص کي سرداري ۽ سلطنت جي مسند تي ويهاري، سندس تابعداري ڪرڻ لڳا. هو گهڻو وقت قوم جي خدمت ڪندو ۽ حڪومت هلائيندو رهيو. سنڌ ملڪ جي آسپاس کي فسادين جي شرارتن کان پاڪ صاف ڪيائين ۽ صاد نالي زميندار، جو ان حد ۾ خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، کي ڪو حيلو ڪري ان جي نياڻي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين، سومري کي ان زميندار صاد جي ڌيءَ مان ڀونگر نالي پٽ ڄائو. سومري جو اهو پٽ ڀونگر جڏهن بلوغت جي حد کي رسيو ته سومرو گذري ويو.[1]
سومرو | |
---|---|
سومرا گھرائي جي حڪومت | |
1053 کان تائين(445ھ کان) | |
پيشرو | ڏکڻ سنڌ تي سومرن جي حڪومت جو باني ھيو. |
جانشين | ڀونگر سومرو |
لاڏاڻو | 448ھ [1] |
مذھب | اسلام |