زڪريا (پيغمبر)
From Wikipedia, the free encyclopedia
زڪريا يا زڪريا نبي(انگريزي: Zechariah ) يھودين يا بني اسرائيل جي ھڪ پيغمبر جو نالو جنھن جو ذڪر عبراني بائيبل ۾ ٿيل آهي. کيس يھودين جي صحيفي زڪريا جي ڪتاب جو ليکڪ ۽ ٻارھن ننڍڙن پيغمبرن مان يارھون نمبر سمجھيو ويندو آھي. ھي يھودہ جي بادشاھت جو پيغمبر ۽ حزقل (Ezekiel) وانگر ڪاھن (Kohen) گھراڻي سان تعلق رکندڙ هو.
ڪتاب زڪريا جي مطابق[1] زڪريا پيغمبر عدو جو پوٽو ۽ براخايا نالي شخص جو پٽ ھيو. ڪتاب عذرا [2] ۾ کيس عدو جو پٽ ڏيکاريو ويو آهي. سندس پيغمري وارو دؤر 520 ق م ۾ شروع ٿيو ان وقت ايراني بادشاھ دارا پھرين جو بادشاھي جو ٻيون سال ھيو. زڪريا جو سڀ کان وڏو مقصد ٻئين ٽيمپل جي تعمير ھيو[3]. متي واري انجيل[4] ۽ لوقا واري انجيل[5] ۾ بہ ھڪ زڪريا پٽ يھويادہ جو ذڪر ٿيل آهي پر غالب امڪان آهي تہ يھودين جو ھي پيغمبر اھو ساڳيو شخص ناھي[6] عبراني صحيفن مطابق 12 پيغمبرن مان ھڪ يھودي پيغمبر جنھن جون اڳڪٿيون ڪتاب زڪريا ۾ بيان ڪيل آھن[7]. ھن چاھيو پئي تہ يھودين جي بابل ۾ جلاوطني کان يروشلم واپسي ٿئي، ٽيمپل جي نئين سر تعمير ٿئي ۽ دنيا اسرائيل جي خدا کي تسليم ڪريو[7].