زرتشتي مذھب
اسلام کان اڳ، آڳاٽي فارس جو هڪ خدا کي مڃيندڙ مذهب جيڪو 6هين عيسوي صدي کان اڳ زوروستر قائم ڪيو هيو / From Wikipedia, the free encyclopedia
زرتشتي مذھب (انگريزي ٻولي: Zoroastrianism), اسلام کان اڳ، آڳاٽي فارس جو هڪ خدا کي مڃيندڙ مذهب جيڪو 6هين عيسوي صدي کان اڳ زوروستر قائم ڪيو هيو. ھي دنيا جو ھڪ قديم مذھب آهي جنھن ۾ ازلي ثنويت (cosmogonic dualism) يعني خير ء شر جو ھجڻ، قيامت واري خيال (eschatology) ۽ ھڪ خدا جي تصور (monotheism) کي گڏائي پيش ڪيو ويو.[1] [2] ھن مذھب جي ڏنل تصورن ۾ مسيحيت جي تصور، قيامت ۽ آخرت جي تصور، جنت ۽ دوزخ جي تصور، انسان جي ارادي جي اختيار جي تصور بعد ۾ پيدا ٿيندڙ مذھبن کي متاثر ڪيو جن ۾ يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام شامل آهن.[3] ھيءُ مذھبي فرقو آھي. ھن مذھب وارن کي پارسي به سڏيندا آھن[4]، جن جو نبي زردشت ھو. اُھي باھ جي پوڄڻ ڪري آتش پرست به سڏبا آھن ۽ پارسيءَ ۾ انھيءَ کي گبر چون. سج جي به پوڄا ڪندا آھن ۽ سمنڊ جي به. پھرين نوساري ۽ سورت جي پاسي ايران مان آيا ۽ بمبئي ۽ گجرات ۾ پکڙي پيا. وڏن وڏن شھرن ۾ انھن جا مندر آھن، جتي ھميشه باھ پيئي ٻرندي آھي ۽ ان باھ جي ھنڌ کي اگياري چوندا آھن. انھن جي پادرين يا عالمن کي دستور چوندا آھن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ سکر ۾ به آھن. اھي تونگر ۽ واپاري ماڻھو آھن. انگريزن جي اچڻ وقت انھن سان گڏ سنڌ ۾ به آيا.[5] [6]