رياض صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
رياض صوبو يا الریاض ریجن (انگريزي ٻولي: Riyadh Region؛ عربي ٻولي: منطقة الرياض) سعودي عرب جو مرڪزي علائقو آهي، جنهن جي اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ سعودي الشرقي صوبو، اتر اولهه ۾ القسیم صوبو ، اولهه ۾ مدينه صوبو ۽ مڪه صوبو، ڏکڻ اولهه ۾ عسير صوبو ۽ ڏکڻ ۾ نجران صوبو آھي. هن صوبي جي ڪل ايراضي 4,12,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سال 1999ع ۾ آبادي 44,85,000 هئي. صوبائي گاديءَ جو هنڌ رياض آهي، جيڪو قومي راڄڌاني پڻ آهي. ٻين اهم شهرن ۾ الدوادمي، القويه، الافلج، سدير، شقراء، عفيف، ضرماء، رماہ، حريملا، الغط، الخرج، المجمه، الحريق، وادي الدواسر، الزلفي، حوطات بنی تميم، السليل، المزاحميه ء ثادق شامل آهن.