![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/07/Ash_Sharqiyah_in_Saudi_Arabia.svg/langsd-640px-Ash_Sharqiyah_in_Saudi_Arabia.svg.png&w=640&q=50)
الشرقي صوبو
From Wikipedia, the free encyclopedia
الشرقي صوبو (انگريزي ٻولي: Eastern Province؛ عربي ٻولي: المنطقة الشرقية) سعودي عرب جو اوڀر وارو صوبو آهي جنهن جون سرحدون ڪويت، قطر، گڏيل عرب امارات، اومان ۽ يمن سان لڳن ٿيون. اندر جي طرف رياض صوبو ۽ نجران صوبو آهي. هن علائقي جي ايراضي 7,10,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سال2004ع ۾ 33,60,157 جي آبادي هئي. صوبائي گاديءَ جو هنڌ دمام آهي ۽ دمام کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻيو وڏو شهر الخبر آهي، جيڪو هڪ ڪاروباري مرڪز ۽ بندرگاهه آهي. صوبو بين الاقوامي ٽرئفڪ لاءِ ڪنگ فهد ڪازوي (سمند تی پل) ذريعي بحرين سان ڳنڍيل آهي. اھم شھرن م الاحساء، القطيف، الخفجي، البقيق، الجبيل، حفر الباطن، راس تنورا، النيريه ء القرية العليه شامل آهن. الشرقي صوبی جا اڪثر رهواسي سني ۽ ڪجھ شيعا آهن.
ترت ڄاڻ الشرقي صوبومنطقہ الشرقيہ, گاديء جو ھند ...
الشرقي صوبو منطقہ الشرقيہ | |
---|---|
صوبو | |
الشرقية | |
![]() سعودي عرب جي نقشي تي الشرقي صوبو | |
گاديء جو ھند | دمام |
بورو (انتظامیا) | 11 |
حڪومت | |
• گورنر | سعود بن نایف |
• نائب گورنر | شھزادو جلووی بن عبدالعزیز بن مساعد[1] |
پکيڙ | |
• ڪل | 672,522 ڪ.م2 (259,662 ميل2) |
آبادي (2010) | |
• ڪل | 4,105,780 |
بند ڪريو