From Wikipedia, the free encyclopedia
رام بخشاڻي (انگريزي: Ram Buxani)، سنڌ ڄائو ھندوستاني ڪاروباري شخصيت، ليکڪ ۽ آئي ٽي ايل ڪوسموس گروپ (انگريزي: ITL Cosmos Group) جو چيئرمين ھو.[1][2] ھن ھندوستاني برادري ۾ تڏھن شھرت ماڻي، جڏھن 1985ع ۾ ھن جي ڪوششن سبب ھندوستاني حڪومت وارثت ٽيڪس جو خاتمو آندو.[3]
رام بخشاڻي | |
---|---|
رام بخشاڻي 2023ع تي دبئي ۾. | |
پيدائش | 1941 حيدرآباد، سنڌ، برطانوي ھندوستان |
وفات | 8 جُولاءِ 2024، (83 سال) دبئي |
تعليم | واشنگٽن عالمي يونيورسٽي |
پيشو | واپاري ۽ ليکڪ |
ويب سائيٽ | |
rambuxani |
رام بخشاڻي 1941ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو،[1] ھن جي خاندان 1947ع تي ھندوستان جي ورھاڱي وقت سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي.[1] جڏھن ھي اڃان پنجن سالن جو ھو تہ ھن جو والد وفات ڪري ويو.[4][5]
جڏھن ھي 18 سالن جو ٿيو تہ پنھنجي خاندان ۽ بيواہ ماءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ ممبئي ۾ نوڪري جي تلاش شروع ڪئي. ان وقت اخبار ۾ ھڪ اشتھار ڏسي ھي نوڪري لاءِ دبئي روانو ٿيو جتي 1959ع تي آئي ٽي ايل آئوٽ پوسٽ جي دبئي آفيس تي آفيس ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 2014ع تي ساڳي ڪمپني ڪوسموس آئي ٽي ايل گروپ جو چيئرمين بڻيو.[1][6]
بخشاڻي عملي ۽ ادبي شخيصت جو مالڪ ھو، ھن 28 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.[1] ھن کي ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو.[1]
ھن جي 2003ع ۾ ڇپيل آتم ڪٿا آکيرا آڪاس ۾ (انگريزي: Taking the High Road)، دبئي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي، انگريزي ٻولي ۾ لکيل ان ڪتاب جو سنڌي سميت ھندي، عربي، ملايالم سميت ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇڪي آھي.[7][8] ھن جو ٻيو ڪتاب، سنڌي - عالمي معشيت کي ڏنل خدا جو تحفو (انگريزي: Sindhis – God’s Gift to Global Economy) 2007ع تي ڇپيو.[9]
بخشاڻي 2000ع کان 2008ع تائين انڊس بينڪ جو ڊائريڪٽر رھيو..[10] 2002ع کان 2004ع تائين انڊين ھائي اسڪول، دبئي جي بورڊ جو چيئرمن پڻ رھيو.[7]
بخشاڻي گڏيل عرب اماراتن ۾ سمنڊ پار ھندوستانين جي معاشي فورم (انگريزي: Overseas Indians Economic Forum (UAE)) جو 1987ع کان 1993ع تائين ۽ 1995ع کان 1999ع تائين باني ۽ صدر پڻ رھيو.2023ع کان ھن تنظيم کي انڊين بزنس اينڊ پروفيشنل ڪائونسل (انگريزي: Indian Business and Professional Council.) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.[8] ڪويت مٿان عراقي حملي وقت اتان ايندڙ ھندوستانين لاءِ ھن گڏيل عرب اماراتن اندر عارضي رھائش جو بندوبست پڻ ڪيو ھو.[8]
وچ اوڀر جي فوربس ميگزين ھن کي 2014ع[11]، 2016ع[12] ۽ 2017ع,[13] تي وچ اوڀر ۾ ھندوستان جي چوٽي وارن اڳوانن ۾ شمار ڪيو ۽ فوربس پاران 2017ع تي ھن کي "لائيف اچيوومنٽ ايوارڊ" سان پڻ نوازيو ويو.[14]
ھي 8 جُولاءِ 2024ع تي 83 سالن جي ڄمار ۾ دبئي ۾ وفات ڪري ويو.[15]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.