ڏياري
روشنين جو ھندو ڏڻ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڏياري يا ڏيپوالي قديم هندو ڌرم جو ڏڻ آهي، جنهن کي هر سال بهار جي مند ۾ ملهايو ويندو آهي.[2][3] هي ڏهاڙو روحاني حوالي سان اونده کان سھائي ، چريائپ کان ڏاهپ ، لڱائي کان چڱائي ۽ نراسائي کان آس جي طرف وڌڻ جو ڏڻ آهي.[4][5][6] هِن ڏهاڙي جون تياريون 9 ڏينهن اڳ شروع ڪيون وينديون آهن ۽ وڌيڪ رسمون 5 ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن. هي ڏهاڙو اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي. اصل ڏهاڙو شمسي-قمري هندوئن جي ڪلينڊر جي مهيني ڪارتيڪ ۾ اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي. گريگورين ڪلينڊر جي مطابق هي ڏهاڙو وچ آڪٽوبر يا وچ نومبر ۾ ملهايو ويندو آهي.
ڏياري جي رات کان اڳ هندو پنهنجي گهرن کي رنگ رونڱن ڪري سينگاريندا آهن،[7] ۽ ڏياري جي ڏينهن نوان ڪپڙا پائيندا آهن، روشن دان، در ۽ درين جي سامهو ڏيئا ٻاريندا آهن. ڏيئا گهر جي اندر ۽ گھٽين ۾ پڻ ٻاريندا آهن. دولت ۽ خوشحالي جي ديوي لڪشمي جي پڻ پوڄا ڪئي ويندي آهي. ڦٽاڪا ڦاڙيا ويندا آهن. [8] بعد ۾ سڄي خاندان طرفان دعوتن جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ۽ مٺايون ورهايون وينديون آهن. دوستن کي دعوت ڏني ويندي اهي ۽ تعفا ورهايا ويندا آهن. جتي ڏياري ملهائي ويندي آهي اتي ڏياري کي واپار وارو موسم پڻ چيو ويندو آهي. [9]
ڏياري هندو ڌرم جو نه صرف مقدس ڏڻ آهي بلڪه اهم رسم ۽ رواج پڻ آهي. هي ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ خوشي سان ملهايو ويندو آهي.،[10] هندوستان ۾ هي ڏهاڙو ڌنتيراس کان شروع ٿئي ٿو. نرڪ چتردشتي ٻي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ڏياري ٽين ڏينهن، چوٿين ڏينهن زال مڙس جي رشتي مٿان وقف ٿيل آهي، پنجين ڏينهن ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي لاءِ هوندو آهي. ان کانپوءِ هي ڏهاڙو ختم ٿي ويندو آهي. عام طور تي ڌنتيراس، دسهيرا جي 18 ڏينهن کانپوءِ ٿيندو آهي.
جنهن رات هندو ڏياري ملهائيندا آهن ان رات جين ڌرم جا پوئلڳ مهاوير جي آزادي (موڪش) ملڻ جي خوشي ۾ ڏيئا ٻاريندا آهن. [11][12] سِک هِن ڏينهن کي بند چوڙ ديوس جي نالي سان ملهائيندا آهن.[13]
هندستان ۾ ڏياري دوران عام موڪل هوندي آهي.[14] نيپال، موريشس، سري لنڪا، ميانمار، گيانا، جمهوريه ترنيداد ۽ توباگو، سرينام، ملائيشيا، سنگاپور ۽ فجي ۾ ڏياري سرڪاري ڏهاڙو طور ملهايو ويندو آهي.
ڏياري | |
---|---|
رنگولي سجاوٽ، رنگدار پائوڊر يا ريتي استعمال ڪرڻ ديوالي جي دوران مشهور آهن. | |
عرفيت | ڏيپوالي |
ملهائڻ وارا | هندو, سک, جينز ۽ ٻڌمت[1] |
قسم | ثقافتي, موسمي, مذهبي |
تقريبون | ڏيئا ۽ بتيون, گھر کي سجائڻ, خريداري, آتش بازي, پوڄا (عبادت جون تقريبون), تعفا, مذهبي رسمن جي پيروي ڪرڻ, دعوتون ۽ مٺايون ورهائڻ |
شروعات | ڌنتيرس، ڏياري کان ٻه ڏينهن اڳ |
ختم | ڀائي ڏوج، ڏياري کان ٻه ڏينهن پوءِ |
تاريخ | Ashvin Krishna Trayodashi، Ashvin Krishna Chaturdashi، Ashvin Amavasya، Kartik Shukla Pratipada، Kartik Shukla Dwitiya |