![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/1/1f/Russia_Dagestan_locator_map.svg/langsd-640px-Russia_Dagestan_locator_map.svg.png&w=640&q=50)
داغستان
روس جي جھموريت / From Wikipedia, the free encyclopedia
داغستان (انگريزي: Dagestan) جنھن جو سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف داغستان" آھي، روسي وفاق ۾ واقع ھڪ ريپبلڪ يا جمھوريه آهي جيڪا ڪيسپئن سمنڊ جي اولھندي ڪناري ۽ ڪوھ قاف جبلن جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي گادي جو هنڌ مخچڪالا آھي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. داغستان جي ٻين شھرن جا نالا دربند، قزليار، ايزبرباش، ڪازپيسڪ ۽ بويناڪسڪ آھن. داغستان جي آبادي لڳ ڀڳ 31 لک آھي،[7] جنھن ۾ 30 نسلي گروھ ۽ 81 قوميتون شامل آهن.[8] داغستان روس جي اندر سڀ کان وڌيڪ نسلي گروھن ۽ سڀ کان وڌيڪَ ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن واري ريپبلڪ آهي.[9] آبادي جي اڪثريت ڪوھ قافي، ايراني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي.[8] انھن سڀن ۾ روسي ٻولي پوري ريپبلڪ جي رابطي واري ٻولي آھي.[10] داغستان جي آبادي جي اڪثريت مسلمان آھي ۽ اھا روس جي ڇھن مسلم ريپبلڪن مان ھڪ آھي.
ترت ڄاڻ جمھوريه داغستان, ملڪ ...
جمھوريه داغستان | |||
---|---|---|---|
جمھوريه يا ريپبلڪ | |||
ريپبلڪ آف داغستان | |||
| |||
ترانو: قومي ترانو | |||
![]() روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |||
![]() مڪانيت داغستان (تيزسائو) يورپ ۾ (سائو) | |||
جاگرافي بيهڪ: 43°06′N 46°53′E | |||
ملڪ | روس | ||
وفاقي ضلعو | اتر ڪوھ قاف[1] | ||
معاشي ريجن | اتر ڪوھ قاف جي معاشي ريجن[2] | ||
قيام | January 20, 1921[3] | ||
گادي جو هنڌ | مخاچ قلعه | ||
حڪومت | |||
• مجلس | پيپلز اسيمبلي[4] | ||
• سربراھ[4] | سرجي ميليخوف | ||
پکيڙ[5] | |||
• ڪل | 50,300 ڪ.م2 (19,400 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | 52nd | ||
آبادي (2010 جي آدمشماري) | |||
• ڪاٿو
2018 [6] |
3,063,885 (+5.3%) |
بند ڪريو
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/d/df/%D0%93%D0%BE%D1%80%D0%BD%D1%8B%D0%B9_%D0%B1%D0%BE%D1%82%D0%B0%D0%BD%D0%B8%D1%87%D0%B5%D1%81%D0%BA%D0%B8%D0%B9_%D1%81%D0%B0%D0%B42.jpg/640px-%D0%93%D0%BE%D1%80%D0%BD%D1%8B%D0%B9_%D0%B1%D0%BE%D1%82%D0%B0%D0%BD%D0%B8%D1%87%D0%B5%D1%81%D0%BA%D0%B8%D0%B9_%D1%81%D0%B0%D0%B42.jpg)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/8c/Grar_village_-_Dagestan.jpg/640px-Grar_village_-_Dagestan.jpg)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a9/%D0%A1%D1%83%D0%BB%D0%B0%D0%BA%D1%81%D0%BA%D0%B8%D0%B9_%D0%BA%D0%B0%D0%BD%D1%8C%D0%BE%D0%BD.jpg/640px-%D0%A1%D1%83%D0%BB%D0%B0%D0%BA%D1%81%D0%BA%D0%B8%D0%B9_%D0%BA%D0%B0%D0%BD%D1%8C%D0%BE%D0%BD.jpg)