حوا آدم عليه السلام جي گھرواري، جيڪا قرآن جي نقطه نگاه مطابق حضرت آدم عليه السلام جي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي.

وڌيڪ معلومات حوا, معلومات شخصيت ...
حوا
Thumb 

معلومات شخصيت
ڄم سال 3760 ق م [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مڙس آدم عليہ السلام [2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ٻار شيث عليہ السلام [3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو child (P40) وڪي ڊيٽا تي
بند ڪريو

معني ۽ مطلب

حوا جي معنيٰ آهي: اها عورت، جنهن جا لب ڪڻڪ رنگا هجن.[5]

عالمن جو خيال

عالمن جو خيال آهي ته الله تعاليٰ حوا کي پيدا ڪرڻ جو هي طريقو انهي ڪري اختيار ڪيو ته جيئن دنيا ۾ ازدواجي زندگيءَ ۾ خوشگواري ۽ هم آهنگي پيدا ٿئي، سندس نالو حوا انهي ڪري رکيو ويو جو کين هڪ زندهه هستيءَ مان پيدا ڪيو ويو هو. ابن عباس جو خيال آهي ته ان کي حوا انهيءَ ڪري چيو ويو جو هوءَ هر بشر جي ماءُ آهي.

قرآن مجيد ۾

قرآن پاڪ ۾ سندن قصي متعلق اچي ٿو ته: الله تعاليٰ حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي جنت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو، پر کين هڪ وڻ جي ويجھو وڃڻ کان منع ڪئي ويئي. شيطان کين برغلائي ’شجرِ ممنوع‘ جو ميوو کائڻ تي آماده ڪيو. هنن ميوو کاڌو ۽ کين پنهنجي اوگھڙ جو احساس ٿيڻ لڳو، تڏهن هو جنت جي وڻن جي پنن سان پنهنجو جسم ڍڪڻ لڳا. ان کان پوءِ الله تعاليٰ آدم عليه السلام ۽ بيبي حوا عليها السلام کي زمين تي موڪلي ڇڏيو.

روايتن ۾

ابن سعد جي روايت موجب: حضرت آدمؑ هندستان (ان وقت هنڌ ۽ سنڌ ٻئي ملڪ هندستان سڏبا هئا.) جي سرزمين تي لٿو ۽ بيبي حوا جدي ۾ لٿي. ٻنهي جي ملاقات مزدلفه ۾ ٿي. بيبي حوا حضرت آدم عليه السّلام جي فوت ٿيڻ بعد ٻه سئو سالن کان پوءِ وفات ڪري وئي ۽ حضرت آدم عليه السّلام جي ڀر ۾ ئي دفن ٿي. دنيا جا انسان سندن اولاد آهن.[6] [7]

حوالو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.