حجر اسود
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
حجر اسود عربي ۾ ٱلْحَجَرُ ٱلْأَسْوَد(انگريزي: Black Stone ) عربي ٻولي جو لفظ آهي جي معنيَ ڪارو پٿر آھي جيڪو مڪي ۾ ڪعبة الله جي ڏکڻ-اوڀر واري ڪنڊ تي چاندي جي خاني ۾ جڙيل آهي.ان جو ذڪر قرآن ۾ ناھي ٿيل پر حديث ، ۽ تاريخي روايتن ۾ ان جو گھڻو ذڪر آھي[1]. اھو پٿر ڪٿان آيو اھا ڳالھ واضع ناھي پر اسلام اڳ بہ اھو ھڪ مقدس پٿر سمجھيو ويندو ھو جنھن جي پوڄا پڻ ڪئي ويندي ھئي[1]. ابن اسحاق مطابق ڪعبي ۾ موجودہ جاء تي ان پٿر کي حضرت محمد صہ نبوت جي ظھور کان اول پنھنجي ھٿن سان نصب ڪيو ھو. ان وقت ڪعبي جي نئين. سر تعمير بعد قبيلن جي سردارن ۾ اختلاف ٿي پيو ھو پوءِ حضرت محمد صه جي مشوري تي ان کي ھڪ چادر تي رکي سڀني سردارن گڏ کڻي اتي آندو ۽ نبي صه ان کي کڻي ڪعبي ۾ نصب ڪيو[2][3].
اسلامي روايتن مطابق اھو پٿر آدم ۽ حوا جي وقت جو آھي[4]. اھو ڪعبي ۾ اسلام کان اڳ واري بت پرستي واري دؤر م 605ع ۾ نبوت کان پنج سال اڳ محمد صه ڪعبي جي ڀت ۾ نصب ڪيو ويو ھو. ان کان پوء اھو ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ھو جنھن بعد ٽڪرا ملائي چاندي جي ٺھيل خاني ۾ جڙي ڪعبي ۾ نصب ڪيو ويو. حج ۾ مسلمان ڪعبي جي طواف وقت ان ڀرسان ترسي ان کي چمندا آھن. روايت مطابق حضرت محمد صہ ان کي چميو ھيو ان ڪري مسلمان ان کي چمندا آھن. [5][6] مسلمان ان جي پوڄا ناھن ڪندا[7][8].
حجر اسود شروع ۾ ھڪ سڄو پٿر ھيو پر ھن وقت 7/8 ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورھايل آهي ۽ اھي ٽڪرا وري چاندي جي ٺھيل ھڪ خاني ۾ نصب ڪيا ويا آهن[9]. انھن ٽڪرن کي ماضي ۾ کوڙ ڀيرا سيمنٽ سان ڳنڍيو ويو هو.[9] ڪعبي جنھن ڪنڊ تي اھو نصب ٿيل آھي ان ڪنڊ کي الرڪن الاسود (ڪاري پٿر واري ڪنڊ) چوندا آهن.[10] ڪعبي جي مخالف ڪنڊ ۾ ٻيو پٿر حجر السعادہ نصب ٿيل آھي. ان ڪنڊ کي يمني ڪنڊ سڏيندا آهن. حجر اسود جي ڀيٽ ۾ ٿورو ھيٺ لڳل آھي[11] چاندي جو فريم مستقل ھٿن لڳڻ جي ڪري گسي ويندو ھو ان ڪري ان کي تبديل ڪيو ويندو رھيو.[12]
وچ اوڀر جي سامي تھذيبن ۾ عبادتگاهن جي سڃاڻپ لاء اتي پٿر نصب ڪرڻ جو ھڪ رواج رھيو ھو[11]. تناک يا عبراني بائيبل ۾ پڻ اھڙن پٿرن جو ذڪر ٿيل آهي جن کي چميو ويندو ھو ۽ انھن جي عبادت ڪئي ويندي ھئي جن جو شمار بت پرستي ۾ ڪيو ويو[13] ۽ ان جي پيغمبر طرفان مذمت بيان ڪئي وئي آهي[14][15][16][17][18][19]ان پٿر جي لاء ھڪ نظريو شھاب ثاقب ھجڻ وارو پڻ آھي ڇوتہ يونان ۾ واري مندر ۾ ھڪ شھاب ثاقب جو پٿر رکي ان جي پوڄا ڪئي ويندي ھئي ۽ ڪجهه ليکڪن حجر اسود جي نسبت ان مندر جي پٿر سان ظاهر ڪري اھو نظريو ڏنو. [20][21][22]. مغربي عالمن جي خيال مطابق اھو پٿر شھاب ثاقب ٿي سگھي ٿو[1]. اسلامي روايتن ۾ ھڪ روايت اھا بہ آهي تہ اھو پٿر پھرين اڇي رنگ جو روشن نيلم ھيو جيڪو آدم جي جنت مان نيڪالي بعد جبرائيل زمين تي جنت مان کڻي آيو ۽ ناپاڪ بت پرستن جي چمين جي ڪري ڪارو ٿي ويو[1]. ھڪ ٻي روايت مطابق اھو پٿر انوقت جبرائيل ڀر واري جبلن مان کڻي آيو جڏھن ابراھيم ۽ اسماعيل ڪعبي جي تعمير ڪري رھيا ھئا ۽ انھن ان کي ڪعبي جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي نصب ڪيو ھو[1].
ھن پٿر جو بي حرمتيون پڻ ٿينديون رهيون آهن. 683ع ۾ بنو اميه جي خلافت ۾ حجاج بن يوسف جڏهن ڪعبة الله جو گھيرو ڪري منجنيق سان ان مٿان پٿر وسايا ويا ھيا تہ انھن سان حجر اسود ڀڃي پيو ھو ۽ عبدالله بن زبير ان جي ٽڪرن کي جوڙائي لڳرايو[2]. ان کان پوء جنوري 930ع ۾ قرمطي اتان ان کي چورائي پنھنجي علائقي ڏکڻ عربستان کڻي ويا ۽ انھن جي اڳواڻ ابوطاھر الجنابي ان کي پنھنجي الدرار مسجد ۾ ان نيت سان نصب ڪرايو تہ جيئن اتي حج شروع ڪرائي پر اھو ناڪام ويو [23]. عرب مؤرخ الجويني مطابق 23 سالن بعد قرمطين 952ع ۾ ھڪ وڏي ڀنگ جي عيوض عباسي خليفي کي واپس ڪيو. اھو ھڪ ڳوڻي ۾ وجھي ڪوفي جي ھڪ مسجد ۾ جمعي جي نماز دوران ھڪ لکيل پيغام سميت ڦٽي ڪري ويا ھئا. پيغام ۾ لکيل ھيا تہ حڪم سان پٿر کنيو ويو ۽ حڪم سان واپس ڪجي پيو. پٿر کي ان چوري ۽ ان جي واپسي تائين ڪافي نقصان پھچي چڪو هو ۽ اھو وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورھائجي چڪو هو. [11][24][25] يارھين صدي عيسويءَ ۾ ھڪ ماڻھو ان کي ان کي ڌڪ ھڻي ڀورڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس قتل ڪيو ويو. حجر اسود کي ٿورو نقصان پھتو ھو. ان واقعي جو الزام مصر جي فاطمي خليفي الحاڪم بن امر الله تي لڳايو ويو هو[23]. 1674ع ۾ ھن پٿر تي ناپاڪ شئي (گنھ) لڳائي بي حرمتي ڪئي وئي ھئي جنھن جو الزام فارس جي ماڻھن تي لڳو جنھن جي ڪري فارس مان ايندڙ ماڻھن تي حج ڪرڻ تي بندش وڌي وئي ھئي جيڪا بعد ۾ عثماني خلافت جي گورنر محمد علي پاشا المسعود ختم ڪئي[26]. رچرڊ فرانسس برٽن مطابق اھڙو عمل ٻنھي سني ۽ شيعن لاء حقارت آميز ھيو ۽ ان بيحرمتي ۾ اصل ڏوھاري ڪو يھودي يا عيسائي ھوندو جنھن جان جوکي م وجھي اھا حرڪت ڪئي ھوندي[27]. مغربي عالمن جي خيال مطابق اھو پٿر شھاب ثاقب ٿي سگھي ٿو[1].
حج يا عمري ۾ حاجي ست دفعا ڪعبي جو طواف ڪندا آهن ۽ رسمن ھر طواف حجر اسود واري جاء تان شروع ٿي اتي ختم ٿيندو آهي. رسمن حاجي ھر طواف ۾ ان کي چمي ڏيڻ يا ڇھڻ يا ان کي ساڄي ھٿ سان سلام ڪرڻ جو عمل ڪندا آهن[1]. ان عمل کي غير مسلمن بت پرستي جي مثل قرار ڏيڻ جون ڳالهين سان تڪراري عمل قرار ڏيندا رھيا آھن پر مسلمان ان ڳالهه جو جواب حضرت عمر واري حديث بيان ڪري ڏيندا آهن جنھن ۾ ان فرمايو ھو ته:
خدا جو قسم، مان توکي ھڪ اھڙو پٿر سمجھي چمان ٿو جيڪو ڪوبہ نفعو يا نقصان نہ ٿو پھچائي. جيڪڏهن مان الله جي نبي صه کي توکي چمندي نہ ڏسان ھا تہ توکي ھرگز نہ چمان ھا.
— حضرت عمر رضه، [1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.