![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/4/47/Jaisalmer_forteresse.jpg/640px-Jaisalmer_forteresse.jpg&w=640&q=50)
جيسلمير قلعو
From Wikipedia, the free encyclopedia
جيسلمير جو قلعو (انگريزي: Jaisalmer Fort): ھي تاريخي قلعو ھندستان جي شھر جيسلمير ۾ تعمير ٿيل آھي. جيسلمير شھر جي اٽڪل چوٿون حصو آباديءَ جا گھر ھن قلعي اندر ٺھيل آھن. سترھين صديءَ کان اڳ سڄو شھر قلعي اندر آباد ھو پر پوءِ آبادي وڌڻ سبب قلعي جي ٻاھران بہ شھر جي وسعت ۾ واڌارو آيو.
جيسلمير قلعو | |
---|---|
سونو قلعو | |
![]() جيسلمير قلعي جو نظارو | |
جاگرافيائي بيهڪ | 26.9127°N 70.9126°E / 26.9127; 70.9126 |
نوعيت | ريگستاني قلعو |
مقام جي ڄاڻ | |
عوام لاءِ کليل | جي ھا |
مقام جي تاريخ | |
ٺھيو | 1156ع |
ٺھرائيندڙ | راول جيسل |
گيريزن بابت ڄاڻ | |
رھاڪو | شھر جي چوٿون حصو آبادي |
نشاندهي ڪندڙ | |
قسم | ثقافتي |
معيار | ii, iii |
عهدو | 2013 (36th سيشن) |
حصو | راجستان جو جابلو قلعو |
حوالا نمبر. | 247 |
ملڪ | ھندستان |
علائقو | ڏکڻ ايشيا |
ھي راجستان رياست جو ٻيو پراڻي ۾ پراڻو قلعو آھي جيڪو 1156ع ۾ ھتان جي راجپوت راجا راول جيسل تعمير ڪرايو[1]. پراڻي زماني ۾ شاھراھ ريشم ھتان گذرندي ھئي. ھن شاھراھ وسيلي ھندستان جو افغانستان ۽ ايران سميت وچ ايشيا تائين ڪاروبار ھلندو ھو ۽ اٺن جون ڊگھيون قطارون سامان کڻي وچ ايشيا جي ملڪن ڏانھن روانيون ٿينديون ھيون.
جيئن جيئن ڏينھن چڙھندو آھي ھن قلعي جي ڀتين جو رنگ شينھن جي کل جھڙو ٿي ويندو آھي پر سانجھيءَ جي وقت اھو رنگ ڦري ماکيءَ جي رنگ جھڙو ٿي ويندو آھي، ان ڪري ھن قلعي کي مقامي ماڻھو سونو قلعو (Golden Fort) چوندا آھن[2]. ھي قلعو ٿر جي ريگستان ۾ تريڪوتا جبل جي چوٽيءَ تي تعمير ٿيل آھي. ھن قلعي جا منارا پري پري تائين ڏسڻ ۾ ايندا آھن[3]. 2013ع ۾ ھن قلعي کي راجستان جي پنجن ٻين قلعن سميت يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو[4].