جيتل
From Wikipedia, the free encyclopedia
جيتل (انگريزي: Jeetal ) سنڌ جي ھڪ قديمي سڪي جو نالو آھي جيڪو ٽڪي کان ننڍو ھيو. ٽامي جو ٺھيل اھو سڪو تغلق خاندان جي دؤر ۾ بہ سنڌ ۾ رائج ھيو.غلام سلطانن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪڻڪ جو في مڻ ڏيڍ جيتل، سارين جو مڻ پنج جيتل، ۾ ملندو ھو، اڇي کنڊ في مڻ ڏيڍ ٽڪو، ڳئون 3 کان 14 ٽڪا، ٻڪري 10 کان 14 جيتل ۽ سون جي في درم جي قيمت ھڪ پائلي ھئي.[1]