From Wikipedia, the free encyclopedia
جوليا فيئونا رابرٽس(انگريزي: Julia Fiona Roberts) (born October 28, 1967) ھڪ اداڪارہ ۽ پروڊيوسر آھي. ھيء 1990 ۾ ھاليوڊ جي دنيا ۾ رومانٽڪ مزاحيہ فلم پريٽي وومن م سندس اداڪاري جي ڪري چمڪي وئي جنھن فلم پوري دنيا ۾ 46.40 ڪروڙ ڊالرن جو بزنس ڪيو.ان فلم ۾ اداڪاري تي ھن جي نالي جي چونڊ اٺن ايوارڊن لاءِ ٿي جن مان ھن ٽي ايوارڊ کٽيا جن م گولڊن گلوب ايوارڊ شامل آھن. سن 2000 م ھن جو نالو فلم ارين بروڪووچ ۾ بھترين اداڪاري جي ڪري اڪيڊمي ايوارڊ لاء چونڊيو ويو. ھن جي فلمن ھڪٻئي پٺيان دنيا جي اندر رڪارڊ بزنس ڪيو جنھن ڪري ھيء 1990 واري ڏھاڪي جي ھاليوڊ جي مھانگي ترين اداڪارئن ۾ شامل ھئي.[1] رڳو 1995 ۾ ڊيمي مور فلم اسٽرپ ٽيز لاء ان سال جو سڀ کان وڌيڪَ معاوضو ساڍا ٻارھن ڪروڙ ڊالر ورتو.[2]جوليا پرٽي وومن فلم جو معاوضو ٽي لک ڊالر ورتو ھو[3] 2003 ۾ کيس فلم موناليزاس سمائيل(Mona Lisa Smile) جو اڍائي ڪروڙ ڊالر معاوضو مليو. مختلف ميگزين سروي ۾ ھن جو شمار دنيا جي حسين ترين عورتن ۾ ٿيندو رھيو آھي
جوليا رابرٽس | |
---|---|
جوليا رابرٽس 2016 ۾ 2016 واري ڪينز فلم فيسٽيول ۾ | |
پيدائش | جوليا فيئونا رابرٽس آڪٽوبر 1967 (عمر 57 سال) سمرنا، جارجيا، گڏيل آمريڪي رياستون |
مادر علمي | جارجيا اسٽيٽ يونيورسٽي (تعليم ترڪ ڪيائين) |
پيشو | اداڪارا ۽ فلمساز |
سَرگَرمُ سالَ | 1987– ھاڻي تائين |
جيون ساٿي | ليلي لوويٽ (ش. 1993; طلاق 1995) ڊينيئل ماڊر (ش. 2002) |
ٻار ٻچا | 3 |
ماءُپيءُ | والٽر گريڊي رابرٽس
بيٽي لئو بريڊيمس |
رشتيدار | ايرڪ رابرٽس (ڀاء)
ايما رابرٽس (ڀائٽي) |
پاڻ 28 آڪٽوبر 1967 ۾ آمريڪي رياست جارجيا جي شھر سمرنا(انگريزي: Smyrna) ۾ پيدا ٿي بيٽي ليو بريڊيمس (1934–2015) ۽ والٽر گريڊي رابرٽس(1933–1977) جي گھر پيدا ٿي.[4][5][6] سندس پيءُ بپٽسٽ ۽ ماء رومن ڪيٿولڪ ھئي.[7]ھي پاڻ ننڍپڻ کان رومن ڪيٿولڪ ھئي.[8][9] ھن جو ڀاءُ ايرڪ رابرٽس، ڀيڻ ليزا رابرٽس ۽ ڀائٽي ايما رابرٽس بہ اداڪاري جي ڌنڌي سان تعلق رکندڙ ھئا.ھن جي والدين جو پيشو بہ اداڪاري ۽ ڊراما نويسي ھيو. جڏھن جوليا ماء جي پيٽ ۾ ھئي تہ ان وقت سندس پيءُ ماءُ جارجيا جي شھر ڊڪاٽر ۾ اداڪاري جي سکيا جو اسڪول ھلائندا ھئا جنھن ۾ مشھور سياسي اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ڪوريٽا اسڪاٽ ڪنگ جا ٻار ان اسڪول ۾ داخل ھيا.جوليا جو پيءُ سندن ڌي يولنڊا ڪنگ کي اداڪاري سيکاريندڙ ڪوچ ھيو.[10]ان خدمت جي مھرباني جي اعتراف ۾ جوليا جي ڄمڻ جو اسپتال وارو بل مارٽن لوٿر ڪنگ ڀريو ھيو .[11] ھن جي والدين جي شادي 1955 ۾ ٿي ھئي ۽ 1971 ۾ سندس ماء طلاق جي لاءِ ڪيس داخل ڪيو ۽ 1972 م سندس طلاق منظور ٿي.[12]جوليا 1972 کان جارجيا جي شھر سمرنا ۾ رھي ۽ اتي جي اسڪولن ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.[13] 1972 م سندس ماء مائيڪل موٽس نالي شخص سان شادي ڪئي جيڪو اڪثر بي روزگار ھوندو ھو .[14]اھا شادي 1983 ۾ ٽٽي وئي. جوليا جي ماء ظالماڻي ورتاء واري جواز تي طلاق ورتي. جوليا جڏهن ڏھن سالن جي ھئي تہ سندس سڳو پيءُ ڪينسر ۾ وفات ڪري ويو .[15] ننڍي ھوندي جوليا جانورن جي ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاهيو.[16] اسڪولجي دؤر م جوليا ميوزڪل بئنڊ ۾ ڪليرينيٽ (توتارو) پڻ وڄائيندي ھئي. [17][18] سمرنا جي ڪئمپ بيل ھاء اسڪول مان گريجوئيشن کان پوء جارجيا اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ داخل ٿي پر پوء تعليم ڇڏي نيويارڪ سٽي ھلي وئي جتي ھن اداڪاري جي ڪيريئر جو پيڇو ڪيو. اتي ھيء ڪلڪ ماڊلنگ ايجنسي ۾ پڻ شامل ٿي ۽ اداڪاري جي ڪلاسن ۾ پڻ حصو ورتائين.[19][20] 1988 ۾ ھن پھريون دفعو فلم سئٽسفيڪشن ۾ ليئم نيسن ۽ جسٽن بيٽمين سان گڏ ڪم ڪيو. ٽيليويزن۾ ھن جي پھرين شرڪت ھڪ ڪرائيم اسٽوري ۾ ھڪ نوجوان زيادتي جو شڪار ٿيل ڇوڪري جي ڪردار سان ٿي.
نالو | سال | ڪردار | ھدايتڪار | نوٽ | حوالا |
---|---|---|---|---|---|
Firehouse | 1987 | بيبس | جي. ڪرسچن انگووڊسين | سڌوسنئون وڊيو جاري ٿي | [21][22][23] |
Satisfaction | 1988 | ڊيريل شين | جوئن فريمين | [24] | |
Mystic Pizza | 1988 | ڊيئسي اروجو | ڊونالڊ پيٽري | [25] | |
Blood Red | 1989 | مريسا | پيٽر ماسٽرسن | فلم 1986 ۾ ٺھي | [23][26] |
Steel Magnolias | 1989 | شيلبي ايٽنٽن | ھربرٽ راس | [27] | |
Pretty Woman | 1990 | ووين وارڊ | گيري مارشل | [28] | |
Flatliners | 1990 | ريچل منوس | جول شوميڪر | [29] | |
Sleeping with the Enemy | 1991 | سارہ واٽرس | جوزف روبن | [30] | |
Dying Young | 1991 | ھيلري او نيل | جول شوميڪر | [31] | |
Hook | 1991 | ٽنڪر بيل | اسٽيون اسپيئلبرگ | [32] | |
The Player | 1992 | پاڻ | رابرٽ الٽمين | ڪيميو | [33][34] |
The Pelican Brief | 1993 | ڊربي شا | ايلن جي. پاڪولا | [35] | |
I Love Trouble | 1994 | سبرينا پيٽرسن | چارلس شاير | [36] | |
Prêt-à-Porter | 1995 | ايني آئزن ھاور | رابرٽ الٽمين | [37] | |
Something to Talk About | 1995 | گريس بيشان | لئسي ھال اسٽرام | [38] | |
Mary Reilly | 1996 | ميري ريلي | اسٽيفن فريئرس | [39] | |
Michael Collins | 1996 | ڪٽي ڪيئرنان | نيل جارڊن | [40] | |
Everyone Says I Love You | 1996 | عام سڊل | ووڊي ايلن | [41] | |
My Best Friend's Wedding | 1997 | جوليئان پاٽر | پي. جي. ھوگن | [42] | |
Conspiracy Theory | 1997 | ايلس سوٽن | رچرڊ ڊونر | [43] | |
Stepmom | 1998 | ڪيلي ازابيل | ڪرس ڪولمبس | ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر پڻ ھئي | [44] |
Notting Hill | 1999 | ائنا اسڪاٽ | راجر مشيل | [45] | |
Runaway Bride | 1999 | ميگي ڪارپينٽر | گيري مارشل | [46] | |
Erin Brockovich | 2000 | ايران بروڪووچ | اسٽيون سوڊربرگ | [47] | |
The Mexican | 2001 | Samantha Barzel | Gore Verbinski | [48] | |
America's Sweethearts | 2001 | ڪڪي ھيريسن | جؤ روٿ | [49] | |
Ocean's Eleven | 2001 | ٽينس اوشن | اسٽيون ساڊربرگ | [50] | |
Grand Champion | 2002 | جولين | بئري ٽب | [51][52] | |
Full Frontal | 2002 | ڪيٿرائين / فرانسيسڪا | اسٽيون ساڊربرگ | [53] | |
Confessions of a Dangerous Mind | 2002 | پيٽريشيا واٽسن | جارج ڪلوني | [54] | |
Mona Lisa Smile | 2003 | ڪيٿرائيناين واٽسن | مائيڪ نيوئل | [55] | |
Tell Them Who You Are | 2004 | پاڻ | مارڪ ويگزلر | [56] | |
Closer | 2004 | اينا ڪئمرون | مائيڪ نڪولس | [57] | |
Ocean's Twelve | 2004 | ٽينس اوشن | اسٽيون ساڊربرگ | [58] | |
The Ant Bully | 2006 | ھووا | جان اين ڊيويس | رڳو آواز | [59] |
Charlotte's Web | 2006 | شارليٽ | گيري ونڪ | رڳو آواز | [60] |
Charlie Wilson's War | 2007 | جوئين ھيرنگ | مائيڪ نڪولس | [61] | |
Fireflies in the Garden | 2008 | ليزا ٽيلرس | ڊينس لي | [62][63] | |
Kit Kittredge: An American Girl | 2008 | — | پيثريڪا روزيما | ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر | [64] |
Duplicity | 2009 | اسٽينوڪ ڪليئر | ٽوني گلوري | [65] | |
Valentine's Day | 2010 | ڪيپٽن ڪيٽ ھئزلٽائين | گيري مارشل | [66] | |
Eat Pray Love | 2010 | ايلزبٽ گلبرٽ | رين مرفي | [67] | |
Jesus Henry Christ | 2011 | — | ڊينس لي | ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر | [68][69] |
Love, Wedding, Marriage | 2011 | ايوا | ڊرموٽ ملروني | رڳو آواز | [70][71] |
Larry Crowne | 2011 | مرسيڊيز | ٽام ھينڪس | [72] | |
Mirror, Mirror | 2012 | ڪليمنٽيانا | ترسيم سنگھ | [73] | |
August: Osage County | 2013 | باربرا فورڌم | جان ويلس | [47][74] | |
Secret in Their Eyes | 2015 | جيس ڪاب | بلي ري | [75] | |
Mother's Day | 2016 | مرينڊا | گيري مارشل | [76] | |
Money Monster | 2016 | پيٽي فين | جوڊي فاسٽر | [77] | |
Smurfs: The Lost Village | 2017 | سمرف ولو | ڪيلي اسبري | رڳو آواز | [78] |
Wonder | 2017 | ازابيل پلمين | اسٽيفن چوبوسڪي | [79] | |
Ben Is Back | 2018 | نالي برنس | پيٽر ھيجز | [80] | |
Denotes films that have not yet been released |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.