جملو
From Wikipedia, the free encyclopedia
جملو (انگريزي: Sentence) عربي لفظ ”جملةُ“ تان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، اهو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن يا ’فقرن جو مجموعو، جنهن مان پورو مقصد يا خيال ظاهر ٿئي‘. مطلب ته، جدا جدا لفظ پاڻ ۾ ملي، هڪ جملي جي صورت اختيار ڪن ٿا. جملو ’گفتگوءَ جو ايڪو‘ به چئي سگهجي ٿو. جڏهن ٻه يا وڌيڪ لفظ پاڻ ۾ ملي معنيٰ دار فقرو يا گفتگو ۽ ڳالهائڻ جو مفهوم دار لفظي ميڙ بنائين، ته انهن کي لفظن جو ميڙ يا جملو چئبو. اهو لفظن جو ميڙ، جملو به ٿي سگهي ٿو ۽ جملي جو هڪ ڀاڱو به، جهڙوڪ: ڪالھ ڏينهن ڏٺي جو، شهر ۾ ڦُر ٿي آهي.[1]