From Wikipedia, the free encyclopedia
جالنڌر (انگريزي ٻولي: Jalandhar) يا جلنڌر، هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ قديم شهر آهي.[5]
ستين صدي عيسويءَ ۾ هيءَ هڪ راجپوت بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هو.[5]
جالنڌر پنجاب رياست جو ٽيون سڀ کان وڏو شهر ۽ ريل جي اهم جنڪشن آهي. ڀرپاسي جي زرعي علائقن جون شيون هن شهر ۾ خريد ۽ وڪرو ڪيون وينديون آهن. جالنڌر جي ڀرپاسي ڪيترائي ڳوٺ ڏاکڻي پاسي وڏي ڇانوڻي کانسواءِ اوڀر ۾ 9 ميل پري هڪ ائير فيلڊ به آهي. شهر جا تيرهن ڪاليج گرو نانڪ يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهن. ضلعي جالنڌر ستلج درياهه جي اتر ۾ 31396 چورس ڪلوميٽر علائقي تي مشتمل آهي. مڪئي، ڪڻڪ، وونئڻ، ڪمند ۽ چڻا هتان جا اهم فصل آهن.[5]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.