جارج برڪلي
اينگلو-آئرش فلاسافر / From Wikipedia, the free encyclopedia
جارج برڪلي(انگريزي: George Berkeley) /ˈbɑrkli/ ;[4][5]
(12 مارچ 1685 ۾ ڄائو ۽ 14 جنوري 1753 م وفات ڪيائين) ڪلوئن جي بشپ ھجڻ ڪري اڪثر بشپ برڪلي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. فلسفي ھيو ۽ امٽيريل ازم(انگريزي: immaterialism) جو نظريو پيش ڪيو ھئائين جنھن کي بعد ۾ داخلي عينيت(انگريزي: subjective idealism) جو نالو ڏنو ويو
جارج برڪلي | |
---|---|
1727 ۾ جان سميبرٽ پاران ٺاھيل برڪلي جو پورٽريٽ | |
پيدائش | 12 مارچ 1685(1685-03-12) ڪائونٽي ڪلڪيني, آئرلينڊ |
وفات | 14 جنوري 1753(1753-01-14) (aged 67) آڪسفورڊ, انگلينڊ |
قوميت | آئرش |
مادر علمي | ٽرنيٽي ڪاليج، ڊبلن |
عهد | ارڙھين صديءَ جو فلسفو |
علائقو | مغربي فلسفو |
مڪتبه فڪر | داخلي عينيت (مظھريت(انگريزي: phenomenonalism)) تجربيت(انگريزي: Empiricism) بنيادپرستي[1] تصوريت(انگريزي: Conceptualism)[2] انڊائريڪٽ ريئلزم [3] |
شعبه عمل |
عيسائيت, مابعدالطبعيات, epistemology, ٻولي , رياضي , ادراڪ |
اهم نظريا |
داخلي عينيت , مرڪزي تڪرار , پريوري ۽ پوسٽيريوري ۾ فرق |
مؤثر شخصيتون
| |
متاثر شخصيتون
| |
سڃاڻپ نشان | |
آئرلينڊ ۾ ڪلڪيني (Kilkenny) لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو.[6]جارج برڪلي ڊيڪارٽ کان پوءِ واري دؤر جو يورپ جي جديد فلسفي جو ھڪ وڏو مفڪر ھيو ۽ ريني ڊيڪارٽ ۽ جان لاڪ جي فلسفي جو نقاد ھيو. ھن فلسفياڻي عينيت(انگريزي: idealism) کي فروغ ڏنو ۽ ان جو دفاع ڪيو. ھن اھو خيال ڏنو تہ رڳو ذھن ۽ خيال حقيقت آھن. ھن جي خيال کان امونيل ڪانٽ ۽ ڊيوڊ ھيومز ڪافي متاثر ٿيا.15 سالن جي عمر ۾، ڪلڪيني ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري، ھي ڊبلن جي ٽرنيٽي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1707 ۾ ٽرنيٽي ڪاليج جو فيلو(انگريزي: fellow) ٿيو جلد ئي اينگليڪن چرچ ۾ منصب سان نوازيو ويو. ٽرنيٽي ڪاليج ۾ ھن جو عينيت وارو فلسفو ظاهر ٿيڻ لڳو جنھن ۾ ھن ڊيڪارٽ، جان لاڪ، نڪولس ميلبرانچ، آئزڪ نيوٽن ۽ ٿامس ھوبس جي تعليم جو جواب ڏنو[7]..