تھران
ايران جي گادي ۽ سڀ کان وڏو شھر From Wikipedia, the free encyclopedia
ايران جي گادي ۽ سڀ کان وڏو شھر From Wikipedia, the free encyclopedia
تھران (انگريزي: Tehran ) Tehrân [tehˈɾɒ:n] ( ٻڌو))ايران جو سڀ کان وڏو شھر ۽ گادي جو هنڌ آهي. اھو ايران جي تھران صوبي جو پڻ گاديءَ جو هنڌ آهي. شھر جي آبادي 87 لک آھي ۽ گريٽر تھران ميٽروپوليٽن واري علائقي جي آبادي ڏيڍ ڪروڙ آھي. [4] ھي دنيا جو چوويھون وڏو شھر آھي. [5] 2016 کان شھري ڪائونسل جي فيصلي مطابق ھر سال ڇھ آڪٽوبر کي ھن شھر جو ڏينھن ڪري ملھايو ويندو آهي جنھن ڏينھن جن شھر کي قجر گھراڻي جي حڪومت ھن شھر کي سرڪاري طور تي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ھو.[6]
تھران تهران بزرگ | |||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
گاديءَ جو هنڌ | |||||||||||
گھڙيالي ڦيري وانگر مٿان کان هيٺ: ميلاد ٽاور، قرب ٽائون وٽان؛ شيميران، تھران جي سينيما؛ توڪال جبل ابريشم پل کان ؛ تبيعت پل؛ چٽگار ڍنڍ؛ گولستان محل؛ فردوس باغ؛ ۽ آزادي ٽا. | |||||||||||
| |||||||||||
تھران جو ايران ۽ ايشيا ۾ مقام | |||||||||||
جاگرافي بيهڪ: 35°41′21″N 51°20′20″E | |||||||||||
ملڪ | ايران | ||||||||||
صوبو | تھران صوبو | ||||||||||
ضلعو | تھران ڪائونٽي رئي شيميرانٽ ڪائونٽي | ||||||||||
ضلعو | سينٽرل ضلعو | ||||||||||
حڪومت | |||||||||||
• ميئر | پيروز حناچي | ||||||||||
• شھري ڪائونسل جو چيئرمين | محسن ھاشمي رفسنجاني | ||||||||||
پکيڙ[1] | |||||||||||
• شھري | 1,780 ڪ.م2 (690 ميل2) | ||||||||||
• ميٽرو | 1,748 ڪ.م2 (675 ميل2) | ||||||||||
بلندي[2] | 900 to 1,830 ميل (2,952 to 6,003 ft) | ||||||||||
آبادي [3] |
تاريخ جي پراڻي رڪارڊ مطابق ھن شھر واري علائقي تي سڀ کان اول ميڊيا وارن قبضو ڪيو ۽ ھي شھر اڏجڻ بعد ميڊيا جو اھم شھر بڻجي ويو.[7] ھن شھر کي بعد ۾ مسلمان عربن، ترڪن ۽ منگولن چڙھائي ڪري اجاڙي ڇڏيو پر وري وري آباد ٿي اھميت حاصل ڪئي. قجر گھراڻي جي بادشاھ آغا محمد خان قجر 1796 ۾ روس سان جنگين دوران ڪوھ قاف جي علائقي کسجي وڃڻ ڪري، ڪوھ قاف جي ويجھو ھجڻ ڪري ھن شھر کي گادي جو هنڌ بڻايو. [8]
تھران مشھور تاريخي جاين سان ڀريل آهي جن م گولستان محل، سعد آباد واري عمارت، نياوران ڪامپليڪس پڻ شامل آهن جن م گذريل ٻن شاھي گھراڻن جي رھائش ۽ درٻارون ھيون. ھن شھر جي مشھور جاين ۾ آزادي ٽاور ھڪ آهي جيڪو رضا شاھ پھلوي 1971 م فارس جي شھنشاھيت جي اڍائي ھزار سالا جشن جي تقريب جي ياد ۾ ٺھرايل ھڪ يادگار آھي. ا شھر جو ميلاد ٽاور 2007 م مڪمل ٿيو جيڪو دنيا جي بغير ٽيڪ وارن منارن ۾ ڇھون نمبر وڏو منارو آھي. طبعيت پل بہ مشھور جاء آھي جيڪا 2014 ۾ ٺھي راس ٿي.[9]
ھن شھر جي آبادي جي اڪثريت فارسي ماڻھن جي آھي جن جي ٻولي فارسي آھي.[10] [11] شھر جي 99 سيڪڙو آبادي فارسي ٻولي ڳالهائيندڙ آھي جن ۾ غير فارسي نسل جا ماڻھو بہ شامل آهن جن جي فارسي مادري زبان نہ پر رابطي واري زبان آھي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.