تنگواڻي تعلقو
From Wikipedia, the free encyclopedia
تنگواڻي تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪشمور جو هڪ تعلقو آهي. تنگواڻِي ضلعي ڪشمور ائٽ ڪنڌڪوٽ ۾ آھي. اھو شھر ڳهڻو شاخ/ واھ مٿان اڏيل آهي. ڳهڻو شاخ، شاهي واهه مان نڪري ٿي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ اهو واهه، سنڌ - بلوچستان جي حد تي وهي ٿو. ان جي ٺهڻ کان اڳ، تنگواڻيءَ جي ڀرپاسي واريون زمينون، پاڻي جي اڻاٺ سبب، ايتريون آباد نه هيون. هُرلن ذريعي زمينن تي پاڻي چاڙهبو هيو. فصل گهٽ ٿيندا هئا ۽ ماڻهن ۾ غربت ڏاڍي هوندي هئي.[1]
ترت ڄاڻ تنگواڻي Tangwani, ملڪ ...
تنگواڻي Tangwani | |
---|---|
تعلقو | |
ڪشمور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان تنگواڻي تعلقو | |
سنڌ جي نقشي ۾ | |
جاگرافي بيهڪ: 28°16′24″N 68°59′51″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪنڌڪوٽ ضلعو |
بند ڪريو