تلنگانا
From Wikipedia, the free encyclopedia
تلنگانا (Telangana) انڊيا جي ڏاکڻي حصي جي وچ تي دکن واري مٿاھين ميداني علائقي ۾ واقع ھڪ رياست جيڪا انڊيا جي پکيڙ ۽ آبادي ۾ ٻارھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي پکيڙ 112٬077 km2 (43٬273 sq mi) آھي ۽ 2011 جي مردم شماري مطابق آبادي 35,193,978 اٿس.[3] تاريخ 2 جون 2014 ۾ آنڌرا پرديش رياست جي اتر اولھ حصي کي ڌار ڪري ھي انڊيا جي 29 ھين رياست طور قائم ڪئي وئي ۽ حيدرآبادکي ان جو مستقل گادي جو هنڌ بڻايو ويو. ھن رياست جا ٻيا وڏا شھر وارانگل، نظام آباد، کمام۽ ڪريم نگر شامل آهن. ھن رياست جون حدون اتر م مھاراشٽر، اوڀر ۾ ڇتيس ڳڙھ، اولھ ۾ ڪرناٽڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ آنڌرا پرديش سان ملن ٿيون.[4] ھن رياست جي زمين پھاڙن، جابلو قطارن ۽ ٻيلن تي پڻ مشتمل آھي.2019 جي انگ اکرن مطابق رياست جي پکيڙ ۾ 27,292 چورس ڪلوميٽر زمين ٻيلن تي مشتمل آهي. رياست انتظامي طور تي 33 ضلعن ۾ ورھايل آھي.
تلنگانا | |
---|---|
رياست | |
تلنگانا جي تصوير نگاري، کاٻي پاسي مٿان کان: چار مينار، وارينگل قلعو، , حيدرآباد شھر، نظام آباد ريلوي اسٽيشن، فلڪنما محل، ڪنتالا وارا آبشار | |
ترانو: "جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم" | |
انڊيا ۾ تيلنگانا جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ (تيلنگانا): 17.366°N 78.475°E / 17.366; 78.475 | |
ملڪ | ڀارت |
قيام | 2 جون 2014 |
گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏو شھر | حيدرآباد † |
ضلعا | 33 |
حڪومت | |
• مجلس | تلنگانا جي حڪومت |
• گورنر | اي.ايس.ايل.نرسيمھان |
• وزيراعلي | ڪي. چندرشيڪر رائو (ٽي آر ايس ) |
• ليجسليٽو اسيمبلي | ٻہ ايواني (119 + 43 سيٽون) |
• پارليامينٽ ۾ نمائندگي | راجيا سڀا ۾ 7 سيٽون ۽ لوڪ سڀا ۾ 17 سيٽون |
• ھاء ڪورٽ | تلنگانا ھاء ڪورٽ |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 112,077 ڪ.م2 (43,273 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ انڊيا جي ٻارھين وڏي رياست |
آبادي (2011) | |
• ڪل | 35,193,978 |
^† عارضي طور تي ڏھ سالن لاء آنڌرا پرديش جو پڻ گادي جو هنڌ †† تلنگانا ۽ آنڌرا پرديش ٻنھي جو ساڳيو | |
Symbols of تيلنگانا | |
نشان | ڪاڪاٽيا ڪالا ٿورانم , چارمينار |
گانو | جيا جيا ھي تيلنگانا جاناني جياڪيٿانم.[2] |
جانور | چٽڪمرو ھرڻ[2] |
پکي | انڊين چانھ پکي [2] |
گل | Senna auriculata[2] |
ميوو | انب جو وڻ |
وڻ | Prosopis cineraria |
ندي | گوڊاواري ندي، مانجرا ندي، موسي ندي |
راند | ڪبڊي |