From Wikipedia, the free encyclopedia
تاريخ (History) ڏينهن لکڻ. تاريخ مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعن جي يادداشت. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت بابت لکيل ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، ”تاريخ طَبَري“. واقعات جي يادداشت جو علم ، علم التاريخ ، History. بادشاهن ۽ واقعن جو تذڪرو.[2]
Those who cannot remember the past are condemned to repeat it.[1]
لفظ تاريخ (Date)، سامي النسل ٻولين ۾ مهيني جي پهرينءَ تاريخ واري ڏينهن لاءِ به استعمال ٿيندو هو. ان دور ۾ هڪ ڏينهن سج لهڻ کان وٺي، ٻئي ڏينهن سج لهڻ تائين هڪ ڏينهن ڳڻپ ٿيندي هجي.
تاريخ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنا ’وقت مقرر ڪرڻ‘ آهي، پر عام طور معنا ”قومن جي عام واقعن جو بيان يا تاريخي تسلسل جو بيان“ ڪئي ويندي آهي. اهو مفهوم بادشاهن جي احوال ۽ واقعن کي لکڻ لاءِ آندو وڃي ٿو. ”تاريخ“ لفظ اهڙن ڪتابن لاءِ به استعمال ٿيو آهي، جيڪي ان مفهوم سان ٺهڪندڙ نه آهن، جهڙوڪ البيرونيءَ جو هندستان جي احوال بابت ”ڪتاب الهند“، جنهن ۾ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي ڌار ڌار علمن بابت تفصيل موجود آهي. [3] ڪنهن خاص دَور يا زماني جي شروعات جو اندازو لڳائڻ، حادثن جي وقت جي اندازو لڳائڻ سان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسلمانن وٽ تاريخ هجريءَ کان سواءِ ٻيون به تاريخون ڪتب آنل آهن، مثال طور: ”تاريخ عالم“ يا ”حضرت نوح عليه السلام وارو طوفان“. سنڌ ۾ وري اسلامي دور کان اڳ سنڌ جي خودمختياريءَ واري هڪ واقعي سان پنهنجي تاريخ جو آغاز ڪيو.
تاريخ اصل ۾ انسانيت جي محافظ آهي، جيڪا نه صرف قومن ۽ جماعتن جي پر ٻين به پوين تجربن جو رڪارڊ محفوظ رکي انسانن جي آڏو پيش ڪري ٿي ته جيئن انسان انهن تجربن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي حال جو جائزو وٺي ۽ مستقبل ۾ پاڻ کي محفوظ رکي سگهن.
تاريخ جي رڪارڊ جي جائزي وٺڻ لاءِ ٽي نقطهءِ نظر آهن:
اصولي طور تي تاريخ يا تواريخ جو مقصد نسلي ۽ قومي ڪٽرپڻي کان مٿاهون ٿي، انساني ۽ ان جي مختلف واقعن جي ڪارنامن تي صحيح نموني تحقيق ڪري راءِ قائم ڪرڻ هئڻ گهرجي.[4][5]لفظ هـِـسٽري “History"، هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ کان لفظ ”هسٽري“ پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو. جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو لڳائي سگهجي. 1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3. رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ جي معنيٰ آهي: ”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“. اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي، تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽ حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽ مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.[6]تاريخ جو ھڪ ٻيو نالو ’تجربو‘ آھي. اسين جڏھن تاريخ جو ذڪر ڪريون ٿا، تڏھن اسين گهڻو ڪري انساني نسل جي گڏيل تجربي بابت سوچيندا آھيون؛ پر اسان مان ھر ھڪ فرد پنھنجي اڪيلي زندگيءَ جي مدت ۾ جيڪو ذاتي تجربو ڪري ٿو، اھو پڻ حقيقت ۾ تاريخ آھي[7].[8]ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي تعاليٰ جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب ”تاريخ هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جو انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽ ناحق، انصاف ۽ عدل، ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻرندو ٿو رهي“. جونز جو خيال آهي ته، ”تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽ تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽ تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب ڪري.“ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن جي راءِ موجب، ”تاريخ جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽ باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد تربيت ڏيڻ گهرجي.“ مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي ۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا رهيا آهن. تنهن هوندي به هڪڙي حقيقت پڌري ٿيل آهي ته هن مخالفت موافقت يعني متضاد خيالن جو سبب هيءُ آهي ته مؤرخ ۽ مفڪر تاريخ جي علم جي وصف ۽ مقصد بابت هم خيال ۽ متفق راءِ نه رهيا آهن. هر ڪنهن فلسفيءَ ۽ مفڪر پنهنجي راءِ ۽ خيال موجب تاريخ کي سٺو يا بيڪار سمجهيو آهي، هر ڪنهن مفڪر تاريخ جي علم بابت پنهنجو مفهوم ۽ مطلب جدا جدا ٺاهيو آهي. ان ڪري هر ڪنهن جو اختلاف ۽ اتفاق صحيح ۽ درست آهي.[9]تاريخ ماضيءَ جو هڪ منتشر، گهڻ پاسائون، تڪراري ۽ بحث طلب رڪارڊ آهي. عام طور تي هن بحث کي سلجهائڻ لاءِ تاريخي ڪتابن کان مدد وٺبي آهي. اهي تاريخي ڪتاب هن بحث جو هڪ طرف ٽوڙ به هوندا آهن، ته ٻئي طرف نوَن بحثن کي کولي هڪ نئين تڪرار يا بحث جو سبب به بڻجندا آهن. ان تڪرار يا بحث کي سلجهائڻ لاءِ ڪتاب سميت علم الدلائل کان به مدد وٺبي آهي. ڇو ته جتي ڪتاب مجموعي طرح تڪرار جو شڪار ٿي بحث کي ويتر اُلجهائي ڇڏين ٿا، ته اُتي انساني شعور، عقل، دانائي ۽ فهم ئي رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به تاريخدان ۽ سڄاڻ پڙهندڙ رڳو ڪتابن تي نه ڀاڙيندا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب دراصل ماڻهن جا ئي لکيل هجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر ۽ ڌُر سان سلهاڙيل هوندا آهن.[9].
تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾ آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني: مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن.
|title=
(مدد)Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.