![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/7/7c/The_Laxmi_Niwas_Palace%252C_Bikaner%252C_Rajasthan.jpg/640px-The_Laxmi_Niwas_Palace%252C_Bikaner%252C_Rajasthan.jpg&w=640&q=50)
بيڪانير
شهر بيڪانير ضلعي، راجستان، هندستان / From Wikipedia, the free encyclopedia
بڪانير (انگريزي: Bikaner ( ٻُڌو)) ھندستان جي راجستان رياست جو شھر آھي[1]. ھي شھر جئپور کان اتر اوڀر ۾ 330 ڪلوميٽر (205 ميل) پري آباد آھي. ھي بڪانير ضلعي ۽ ڊويزن جو مرڪزي شھر آھي. ھي ھندستان جي انھن شھرن مان ھڪ آھي جن جو ذڪر شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي. بڪانير ڀارت جي هڪ اڳوڻي رياست ھئي، جنھن کي 1950ع ۾ جئپور سان ملائي، راجستان رياست جو بنياد رکيو ويو.
ترت ڄاڻ بڪانير, ملڪ ...
بڪانير | ||||
---|---|---|---|---|
شھر | ||||
مٿان کان: لڇمي نواس محل، جھوناڳڙھ قلعو | ||||
عرفيت: Bikana | ||||
جاگرافي بيهڪ: 28°01′00″N 73°18′43″E | ||||
ملڪ | ![]() | |||
رياست | راجستان | |||
ضلعو | بڪانير | |||
شھر جو | 1488ع | |||
قيام | رائو بڪا جي | |||
حڪومت | ||||
• مجلس | ميونسپل ڪارپوريشن | |||
پکيڙ | ||||
• ڪل | 270 ڪ.م2 (100 ميل2) | |||
بلندي | 242 ميل (794 ft) | |||
آبادي (2011) | ||||
• ڪل | 644,406 |
بند ڪريو
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/24/Ganga_Singh_c1930.jpg/640px-Ganga_Singh_c1930.jpg)
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/9/94/Indira_gandhi_canal_near_Lakhuwali.jpg/640px-Indira_gandhi_canal_near_Lakhuwali.jpg)
ھن شھر جو بنياد 1488ع ۾ رائو بڪارجي (Rao Bikarji) وڌو[2]. 1928ع ۾ گنگا واھ ۽ 1987ع ۾ اندرا گانڌي واھ کوٽجڻ کان پوءِ ھن شھر جي زرعي پيداوار ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو ۽ اڄڪلھ ھي شھر راجستان رياست جو چوٿون وڏو شھر آھي. ھي شھر پنھنجي تاريخي عمارتن ۽ تاريخي يادگارن سبب راجستان ۾ ھڪ خاص حيثيت رکي ٿو.