From Wikipedia, the free encyclopedia
بلوچي (بلوچي: بلؤچي) ھڪ اولھ ايراني ٻولي آهي.[4] اھا بلوچن جي ٻولي آهي جيڪا پاڪستان، ايران، افغانستان ۽ اومان ۾ ڳالھائي ويندي آھي. ھن ٻوليءَ جا گھٽ ۾ گھٽ اٺ حروف علت آھن جن مان پنج وڏا ۽ ٽي ننڍا آهن.[5] بلوچي ٻوليءَ جا ٻہ وڏا لھجا آھن :
بلوچي | |
---|---|
بلۏچی | |
معياري بلوچي جي لکت (نستعليق لکت) ۾ لکيل لفظ "بلوچي" | |
ٻولي جو وطن | پاڪستان، ايران، عمان، افغانستان، ترڪمانستان[1] |
نسل | غالب اڪثريت ۾ بلوچ، ڪجهه بروھي ۽ شيدي |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
76 لک ماڻھو (2007)[2] |
انڊو يورپي
| |
لھجو | *ڪوروشي |
سرڪاري حيثيت | |
سرڪاري ٻولي وغيره |
بلوچستان |
اقليت جي ٻولي |
ايران
سيستان ۽ بلوچستان جي صوبائي ٻولي پاڪستان بلوچستان جي صوبائي ٻولي افغانستان نمروز جي صوبائي ٻولي |
ريگيوليٽر | بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، پاڪستان |
ٻولي جا ڪوڊ | |
ISO 639-2 | bal |
ISO 639-3 | bal – inclusive codeIndividual codes: bgp – اوڀاري بلوچي bgn – اولھندي بلوچي bcc – ڏاکڻي بلوچي ktl – ڪوروشي |
گلوٽولوگ | balo1260 [3] |
لنگاسفيئر | 58-AAB-a> 58-AAB-aa (اوڀر بلوچي) + 58-AAB-ab (اولھ بلوچي) + 58-AAB-ac (ڏکڻ بلوچي) + 58-AAB-ad (بشڪرادي) |
فائل:Moderniranianlanguagesmap.jpg گرافي ورھاست ۾ بلوچي ٻولي (پيلي رنگ ۾) ۽ ٻيون ايراني ٻوليون ڏيکاريل | |
پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي بلوچ قبيلن جي ٻولي بلوچي آهي. ھن ٻوليء جي ترقيء لاءِ بلوچستان يونيورسٽي ۾ بلوچ اڪيڊمي ڪم ڪري رھي آھي.
بلوچي ٻولي جو سلسلو ڏکڻ اوڀر ايران۾ ڳالھائجندڙ قديم ٻولين سان ملي ٿو. بلوچ قبيلا بلوچستان ۾ اتر اوڀر ايران مان آيا ء پاڻ سان ھيء ٻولي بہ کڻي آيا. ھن ٻوليء جو پھريون ماھوار رسالو 1952 ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو پر اھو بہ گھڻو عرصو ھلي نہ سگھيو.ان کان پوءِ 1960 ۾ سرڪاري رسالو ڪوئيٽا کان مجلہ اولس جي نالي سان جاري ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي.ڄام ورڪ، مست توڪلي، گل خان نصير، آزاد جمال الدين، ن.م.دانش، بانل دشتياري (نازبيبي) مشھور بلوچي اديب ۽ شاعر آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.