From Wikipedia, the free encyclopedia
براهمي گپتا لپي هيءَ ٻولي براهمي لپيءَ جي هڪ شاخ آهي. اصل گپتا لِپيءَ ۾ حروف علت سميت 37 اکر هئا ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي لکي ويندي هئي. ان گپتا لِپيءَ مان چار ضمني لِپيون ڦُٽيون هيون. اڀرندي، الھندي، ڏاکڻي ۽ وچ ايشيائي. انهن مان اڀرندي گپتا جي اولھ واري هڪ شاخ مان ’سِڌاماترڪا‘ لِپي 500 عيسوي ڌاري ٺھي، جنھن مان ديوناگري لپي 700 عيسويءَ ۾ اڀري جيڪا هاڻوڪين جديد هندي لپين جو بنياد آهي.[1]
گُپتا لکت (script) بابت ڪنسائيز انسائيڪلوپيڊيا چوي ٿي ته،” اها ڏکڻ ايشا جي اتر هندستاني گروهه جي چوٿين ۽ ڇهين صديءَ جي لِپي آهي. ان وقت جي حڪمران گپتا حڪمرانن جي رياست ان لکت کي اهو نالو ڏنو. اها لِپي برهمي مان نسري ۽ گپتا شهنشاهيت ۾ پري پري تائين فتح ٿيل علائقن ۾ پکڙجي وئي. ان جي نتيجي ۾ گپتا لِپي هندستان ۾ پوءِ وارين اڪثر لِپين (اڪثر حصي ۾ ديوناگري) جي ذريعي شروعاتي لِپي بڻي.“[1]
a | i | u | ṛ | e | o |
ā | au |
k | kh | g | gh | ṅ |
c | ch | j | jh | ñ |
ṭ | ṭh | ḍ | ḍh | ṇ |
t | th | d | dh | n |
p | ph | b | bh | m |
y | r | l | v | |
ś | ṣ | s | h |
سنڌ ۾، بدر ابڙي فيبروري 2004ع ۾ واهي پانڌي ويجهو کيرٿر جبل جي ’نئن نريءَ‘ ۾ هڪ هنڌ هڪ جابلو ڪنڌيءَ تي ٽن جاين تي اُڪريل براهمي گپتا تحرير دريافت ڪئي آهي. اهي ٽيئي تحريرون پشاور يونيورسٽي ۾ قديم ٻولين جي ڄاڻو ڊاڪٽر نسيم هن ريت پڙهيون؛ برهمي لکتون ٽي اهڙيون لکتون، جيڪي يا تہ ٽن ڌار ڌار ماڻهن جون لکيل آهن يا ساڳئي ماڻهوءَ ٽن مختلف قسم جي اوزارن سان کوٽي لکيون آهن. اهي گهڻو ڪري خاص نالا، انهن جي لقبن سان آهن.[1]
The readings need to be verified on the spot.
جيڪڏهن ڊاڪٽر نسيم مٿيون تحريرون پڙهڻ ۾ ڪا غلطي نه ڪئي آهي ته پوءِ انهن مان پڙهيل لفظ ڪجهہ هن ريت معنيٰ ڏين ٿا:
انهن تحريرن جو مطلب ٿيو تہ هن ماڳ کي گپتا دور جي چوٿين ۽ ڇهين صديءَ جي منظر نامي ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ۽ هتي لکيل ڪجهہ نالا مثال: متارو، پَرندراپ، دارا، ۽ ڌمشا کي تاريخ جي ورقن ۾ ڳولڻ گهرجي. پر جيڪڏهن اهي نالا تاريخ جي ورقن ۾ موجود نہ آهن تہ پوءِ اهي هن تيرٿ تي موجود باقي نقاشيءَ جا فنڪار ٿي سگهن ٿا.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.