![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/2/28/Montage_of_Baku_2019.jpg/640px-Montage_of_Baku_2019.jpg&w=640&q=50)
باڪو
آذربائيجان جو تخت گاهه ( گاديءَ جو هنڌ ) / From Wikipedia, the free encyclopedia
باڪو (انگريزي: Baku)() آذربائيجان جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ آهي. هاڻوڪي ميئر جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ ھي شھر ڪوھ قاف ريجن ۽ ڪيسپئن سمنڊ جو پڻ سڀ کان وڏو شهر آهي[3]. 2020 تائين باڪو آذربائيجان جو واحد ميٽروپوليٽن شھر يا ميٽروپولس آھي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. باڪو شھر جي آڳاٽي حصي جي چئوگرد فصيل آهي. شھر جي ان پراڻي حصي کي ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.
ترت ڄاڻ باڪو (آذري ٻولي ۾: Bakı ), ملڪ ...
باڪو (آذري ٻولي ۾: Bakı ) | ||
---|---|---|
آذربائيجان جو راڄڌاني شهر ميٽروپوليٽن علائقو | ||
![]() | ||
| ||
عرفيت: هوائن جو شهر (آذربائيجاني: Küləklər şəhəri ) | ||
آزربائيجان ۾ باڪو جو هنڌ | ||
جاگرافي بيهڪ: 40°23′43″N 49°52′56″E | ||
ملڪ | ![]() | |
حڪومت | ||
• ميئر | ايلدار عزيزوف | |
پکيڙ[1] | ||
• آذربائيجان جو راڄڌاني شهر ميٽروپوليٽن علائقو |
2,140 ڪ.م2 (830 ميل2) | |
بلندي | −28 ميل (−92 ft) | |
آبادي (2015 جو تخمينو)[2] | ||
• آذربائيجان جو راڄڌاني شهر ميٽروپوليٽن علائقو |
2,262,600 | |
سرڪاري نالو | ڪوٽ وارو شھر باڪو شروانشاھي محل ۽ ميڊن ٽاور سميت | |
قسم | ثقافتي | |
معيار | iv | |
عهدو | 2000 (24ھين مجلس) | |
حوالا نمبر. | 958 | |
خطري ۾ | 2003–2009 | |
رياستي ڌر | آذربائيجان | |
ريجن | يورپ ۽ ايشيا |
بند ڪريو