From Wikipedia, the free encyclopedia
ويدن جي زماني جو مشهور ديوتا، جيڪو -آسمان- ۾ سج جي شڪل ۾، هوا ۾ وِڄ جي روپ ۾ ۽ زمين تي -باهه- جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. هندو مختلف موقعن تي باهه ٻاري هن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ هن ئي ديوتا جي نسبت -باهه- کي متبرڪ سمجهندا آهن. چيو وڃي ٿو ته هيءُ ديوتا ٻن ڪاٺين جي پاڻ ۾ گِهڻ سان پيدا ٿيو هو. ڪن جو خيال آهي ته هو -برهما- جو پٽ هو، جيڪو -آسمان-، فضا، پاڻيءَ ۽ ڌرتيءَ تي رهندو هو. -اگني- ديوتا جون هزارين -اکيون- آهن، -جن- سان پوڄا ڪندڙن کي ڏسندو آهي.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.