![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6f/Dromedary_camel.jpg/640px-Dromedary_camel.jpg&w=640&q=50)
اٺ
ھڪ مئمل جانور / From Wikipedia, the free encyclopedia
اٺ 🐪 (انگريزي: Camel) جي ڪٽنب جون دنيا ۾ ڪُل چار جنسون آهن، جن ۾ ڏکڻ آمريڪي وڪونا Vicuna ڪل ڊيگهه 1.5 (5 فٽ)، لاما Guanaco ڪل ڊيگهه هڪ کان 2.1 ميٽر (3 کان 7 فٽ ) ٿئي ٿي. انهن جنسن کي ٿوها ڪونه ٿين. البته باختري اٺ (Camelus Bactrainus) کي ٻه ٿوها آهن. هن وقت هي دنيا جو واحد اُٺ آهي جيڪو اڃا به جهنگلي ماحول ۾ ملي ٿو. ٻن ٿوهن وارو اُٺ سڀ کان پهرين 3500 سال اڳ پالتو ٿيو پر اڃا به ڪي باختري اُٺ جهنگلي آهن. ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آهن. هڪ ٿوهي اٺ Camel Dromedarius هندستان ۾ راجستان جي صحرا کان وٺي سنڌ، بلوچستان، ايران، عرب دنيا ۽ آفريڪا جي اوڀر ۽ اترين علائقن ۾ پالتو جانور طور ملي ٿو. اهو اٺ صحرا ۾ جهنگلي جيوت طور باقي نه بچيو آهي. هن جانور صحرائي زندگيءَ مطابق پاڻ کي مڪمل طرح ٺهڪائي ڇڏيو آهي. اٺ پنهنجي ٿوهي ۾ چرٻيءَ جو ذخيرو استعمال ڪندو آهي. جڏهن پاڻيءَ ۽ خوراڪ جي اڻاٺ هجي، تڏهن اهو جسم جو وزن 40 سيڪڙو تائين وڃائيندو آهي ۽ ٻين پالتو جانورن جي ڀيٽ ۾ (ٿڌين حالت ۾ پاڻي پيئڻ کان سواءِ ڇهه ست مهينا) وڌيڪ زندهه رهي سگهي ٿو.[2][3] اٺ جا ٻہ قسم آهن ھڪڙو ھڪ ٿوھي وارو اٺ (انگريزي: Dromedary )جيڪو عرب ملڪن، اتر آفريڪا، ايران ۽ انڊيا ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻيون ٻن ٿوھن وارو اٺ يا جنھن کي باختري اٺ جيڪو وچ ايشيا، افغانستان ۽ ايران جي ڪجهه علائقن ۾ ملندو آھي[4]. ھڪ ٿوھي وارو اٺ جو اصل وطن عربستان آھي جيڪو 2500 ق م ۾ پالتو جانور ٿيو[4]. اھو عرب خاندبدوش يا بدوي زندگي جو لازمي حصو رھيو ۽ سواري ،ڪپڙن ۽ کاڌي طور ڪتب ايندو هو. ان کي ريگستان جو جھاز چوندا آهن. ان جو ذڪر عبراني بائيبل، قرآن ۽ نئين عھدنامي ۾ پڻ ٿيل آهي[4]. اھو عربن جي اسلام کان اڳ واري شاعري ۾ پڻ ھڪ پسنديده موضوع رھيو[4]. يھوديت ۾ ھن اٺ جو گوشت کائڻ حرام آھي پر اسلام ۾ ان جو گوشت حلال آھي[4]. نيل واري وادي ۾ ھي اٺ زمين تي ھر ڏيڻ ۽ ٻين زرعي ڪمن لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آهي[4].
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6f/Dromedary_camel.jpg/640px-Dromedary_camel.jpg)
اٺ | |
---|---|
![]() | |
ھڪ ٿوھي وارو اٺ (ڪيملس ڊروميڊيريئس) | |
![]() | |
باختري اٺ (ڪيملس بيڪٽريئنس) | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | ڪيملس |
جنسون | |
ڪيملس بيڪٽريئنس |