سنڌي ٻولي جي مشهور هندستاني ليکڪا From Wikipedia, the free encyclopedia
ايشوري جوتواڻي (انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پوني ۾ رهائش پذير ٿي.[1][2]
ايشوري شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سيوهڻ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم هندستان جي شهر پونا ۾ حاصل ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به پونا ڪاليج مان حاصل ڪيائين.
ايشوري شروع ۾ سياست ۾ حصو ورتو. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍي عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اُتي سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي. سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي. ايشوري پونا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا.[3]
امنگن جا آبشار (مضمون ۽ سفرنامو) 1993ع[4]
پروفيسر ايشوري کي سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.[1][3]
پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.[5]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.