انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي
پاڪستاني عوامي کوجنا ودياشالا (يونيورسٽي) From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستاني عوامي کوجنا ودياشالا (يونيورسٽي) From Wikipedia, the free encyclopedia
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو (انگريزي: Mehran University of Engineering and Technology, Jamshoro)، (MUET) جنھن کي مقامي طور تي مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سڏيو ويندو آهي، ڄامشورو يونين ڪائونسل, ڪوٽڙي تعلقي، ڄامشوري ضلعي، سنڌ ۾ واقع آھي.[1]ھي يونيورسٽي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو اعليٰ تعليمي ادارو آهي، جتي بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون سندون آڇيون وينديون آهن. ھن يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق پڻ ٿيندي آهي.
مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه جي عمارت | |
اڳوڻو نالو | سنڌ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج |
---|---|
چونڊيل چوڻي | انجنيئرڱ جي شاگردن جي بهتري عظيم نظرثاني ۾ |
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي |
Nurturing the Engineering Graduates with enhanced Perception and Wide Perspective |
قسم | سرڪاري يونيورسٽي |
سرگرم | 1963 |
چانسلر | سنڌ جو وڏو وزير |
وائيس چانسلر | پروفيسر ڊاڪٽر طہٰ حسين علي |
شاگرد | 7,500+ |
انڊر گريجوئيٽ | 6,500+ |
پوسٽ گريجوئيٽ | 1,000+ |
ڊاڪٽوريٽ | 70+ |
پتو | ڄامشورو يونين ڪائونسل ، ڪوٽڙي تعلقو، ڄامشورو ضلعو ، سنڌ ، پاڪستان Mehran University of Engineering and Technology Jamshoro 25.2°N 68.39°E |
ڪيمپس | ڄامشورو يونين ڪائونسل |
رنگ | بيبي بلو, اسٽيل بلو, اڇو |
لاڳاپا | ھائير ايجوڪيشن ڪميشن, پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل, پاڪستان ڪائونسل فار آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرس |
ويب سائيٽ | www |
سن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرڱ ڪاليج جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو[2] مهراڻ يونيورسٽي پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين ۾ شمار ٿي ٿِي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن آرڪائيو ڪيا ويا 2011-07-18 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. طرفان جاري ڪيل رينڪڱ ۾ سن 2005 ۾ مهراڻ يونيورسٽي پوري پاڪستان ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. 2016 تي ان جو شمار انجنيئرنگ جي ادارن ۾ ڇھين نمبر تي ھيو ۽ ھائر ايجوڪيشن وارن ادارن ۾ پنجين نمبر تي ھيو.[3][4]. هن وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 16 شعبا آهن. جن ۾ هينئر تقريباً ست هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جامعہ مهراڻ جي نائب چانسلر طور اداري جو سربراهہ آهي.
ھن اداري جو قيام 1963 ۾ پاڪستاني صنعتي گھرجن پٽاندر سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي حيثيت سان ، سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپي جي بنياد تي عمل ۾ آيو ۽ 1973 تائين اھو لاڳاپو برقرار رھيو ، پوء ان سال ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ نئين درجي کان پوءِ 450 شاگردن تي مشتمل پھرين بيچ جنوري 1974 ۾ داخل ٿي. ان وقت ڪل ست شعبا ھيا جن ۾ سول، ميڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس، ميٽلرجي، ڪيميڪل ۽ انڊسٽريل انجنيئرنگ شامل ھئا. شروعاتي دور ۾ ڪلاس گورمنٽ ڪالج آف ٽيڪنالاجي، نوابشاه ۾ ورتا ويندا هئا. 1976 ۾ جڏهن يونيورسٽي جي ٽئين بيچ آئي ته ڪلاسن کي ڄامشوري ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جٿي شاگردن جو تعداد وڌي 1500 ٿي ويو.
مهراڻ يونيورسٽي جو شمار پاڪستانن جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو. هي ادارو آئي ايس او 9000 سرٽيفائيڊ آهي. يونيورسٽي ۾ انڊرگريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽورل تعليم سميت ٻيا پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.