افلاطون
From Wikipedia, the free encyclopedia
افلاطون(انگريزي: Plato)افلاطون جو جنم انهن ڏينهن ۾ ٿيو جڏهن يوناني سماج جي عزت جو سج ٻڏڻ ويجهو هو[1]. افلاطون جو تعلق اميرن جي پراڻي گهراڻي سان هو، جيڪو واپار ۽ واپار ڪندڙ نون دولتمندن کي ڏاڍي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جيتوڻيڪ اقتدار سندس هٿن مان نڪري چڪو هو پر اهي اڃا پاڻ کي يوناني تهذيب ۽ تمدن جا نگهبان سمجهندا هئا[1]. ان طبقي جو ايمان هو ته ملڪ جي زوال جو سبب اهو ئي آهي ته اٿينـز جو نظم ۽ ضبط اميرن بدران بازاري ماڻهن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. ان ماحول ۾ پلجندڙ افلاطون مرڻ گهڙيءَ تائين واپارين سان ٺاهه ڪري نه سگهيو.[1]
افلاطون Plato | |
---|---|
رومن پورٽريٽ جي ڪاپي افلاطون جي منڍي جي مورت (ت. 370 BC) | |
پيدائش | 428/427 or 424/423 ق.م. اٿينز,يونان |
وفات | 348/347
ق.م.(عمرت. 80) اٿينز، يونان |
مشھور ڪم | اپالاجي(ڪتاب) فئڊو (ڪتاب ريپبلڪ (ڪتاب) |
عهد | قديم فلسفو |
علائقو | مغربي فلسفو |
مڪتبه فڪر | افلاطونيت(Platonism) |
شعبه عمل |
|
اهم نظريا |
|
متاثر شخصيتون
|
هن جو پورو نالو ارسطو قليس هو، بعد ۾ افلاطون ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ارستون هو ۽ هو ايٿنز جي داستانوي بانيڪارن جي خاندان مان هو جڏهن ته هو ماءُ جي طرفان به ڪيترن ئي دولتمند ۽ مشهور اٿينائين جو مائٽ هو. سمجھيو وڃي ٿوته هن افلاطون جو نالو پنهنجن ويڪرن ڪلهن جي سبب اختيار ڪيو هو[2]. شايد ايٿنس ۾ 428 ق م ۾ پيدا ٿيو. سٺي خاندان جي ڇوڪرن وانگر ادب موسيقي ۽ رياضي جي تعليم حاصل ڪيائين. هو شعر به چوندو هو ۽ پهلوان ۽ ڪسرتي به هو. ويهن سالن جي عمر ۾ سقراط جو شاگرد ٿيو. اٺن سالن تائين هن کان علم پرائيندو رهيو.افلاطون جواني جي شروعاتي ڏينهن ۾ شاعر ۽ دانشور هئڻ سان گڏوگڏ عام راءِ مطابق، هڪ وڏو ملهه پهلوان به هو ۽ هن سپاهي طور به ڪم ڪيو هو[2]. انهي دور جي سڀني يونانين وانگر راندين روندين، ورزشي ڪرتب بازين، ناچ ۽ گهوڙي سواري ذريعي جسم جي نشوونما سان گڏوگڏ سوچ ۽ فڪر جي ورزش به ٿيندي رهي ۽ انهي فيلسوف اهڙي گوشه نشيني واري ۽ پڙهاڪو زندگي نه گذاري جيڪا موجوده دور ۾ دانشورن کي عام زندگي جي ڪمن ڪارين لاءِ ناموزون بڻائي ٿي ڇڏي[2].