اواران ضلعو

بلوچستان، پاڪستان ۾ ضلعو From Wikipedia, the free encyclopedia

اواران ضلعوmap

آواران ضلعو (انگريزي: Awaran District ) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڏاکڻي حصي ۾ قلات ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام آواران شھر آھي. ھن ضلعي جو قيام نومبر 1992ع ۾ ٿيو ھو ۽ ان کان اڳ ھي ضلعو خضدار ضلعي جي سب ڊويزن ھيو. آواران شھر جو پراڻو نالو ڪولوا ھيو. ھي ضلعو بلوچستان جو غريب ترين ضلعو سمجھيو ويندو آھي[3] ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ گوادر ضلعو، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ لسٻيلو ضلعو، اولھ ۾ ڪيچ ۽ پنجگور ضلعو، اتر اوڀر م خضدار ضلعو ۽ اتر ۾ خاران ضلعو واقع آهن. ھن ضلعي جي ڪل پکيڙ 29,510 چورس ڪلوميٽر آهي[4]. ۽ 2017 جي آدمشماري مطابق ھن ضلعي جي آبادي 1,21,680 ھئي.

ترت ڄاڻ آواران ضلعو, ملڪ ...
آواران ضلعو
بلوچستان جو ضلعو
Awaran District
Thumb
قلات ضلعو نقشي ۾ نمايان ڏيکاريل
Thumb
آواران ضلعو
آواران ضلعو
Thumb
آواران ضلعو
آواران ضلعو
پاڪستان ۽ بلوچستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°15′42″N 65°18′27″E
ملڪ پاڪستان
صوبو بلوچستان
ڊويزن قلات ڊويزن
قيام 11 نومبر 1992[1]
صدر مقام آواران شھر
حڪومت
  قومي اسيمبلي جو رڪن ڄام ڪمال خان (تڪ: اين اي 270)
  تحصيلون 4
  تحصيلن جا نالا
  1. آواران تحصيل
  2. جھل جائو سب تحصيل
  3. گشڪور سب تحصيل
  4. ماشڪئي تحصيل
پکيڙ
  ڪل 29,510 ڪ.م2 (11,390 ميل2)
آبادي (2017)[2]
  ڪل 1,21,680
بند ڪريو

انتظامي ورهاست

2012 ۾ ھي ضلعو ٻن تحصيلن ۽ ھڪ سب تحصيل ۾ ورھايل ھيو[5] جن م شامل آهن: آواران تحصيل، جھل جائو سب تحصيل ۽ ماشڪئي تحصيل. 2012 ۾ ضلعي ۾ ھيٺيون 8 [6] يونين ڪاؤنسلون واقع ھيون

  1. آواران تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
    1. آواران يونين ڪائونسل
    2. گشڪور يونين ڪائونسل
    3. تيرتيگي يونين ڪاؤنسل
  2. جھل جائو سب تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
    1. ڪيمپ جھائو يونين ڪائونسل
    2. ڪوراڪ يونين ڪاؤنسل
  3. ماشڪئي تحصيل جون يونين ڪاؤنسلون
    1. گاجار يونين ڪاؤنسل
    2. نوڪجو يونين ڪاؤنسل
    3. پاروار يونين ڪاؤنسل

2021 ۾ ھن ضلعي ۾ ٻہ تحصيلون ھيون جن ۾ آواران تحصيل ۽ ماشڪئي تحصيل شامل آھن. ان کان علاوه ٻہ سب تحصيلون پڻ واقع ھيون جن ۾ گشڪور سب تحصيل، جھل جائو سب تحصيل شامل آهن. ضلعي ۾ ھڪ سب ڊويزن آھي جنھن جو نالو آواران سب ڊويزن آھي جنھن م آواران تحصيل ۽ مٿيون ٻہ سب تحصيلون شامل آهن.

آبادي

ھن ضلعي جي آدمشماري ھيٺ ڏجي ٿي:

  • 1981 واري آدمشماري: 110,353[7]
  • 1998 واري آدمشماري: 118,173[7][4]
  • 2017 واري آدمشماري: 121,680[7]

ھن ضلعي جي آبادي جو %98 کان مٿي مسلمان آھي[8] ۽ اقليتن م ذڪرين جو ھڪ گروه شامل آھي. ھن ضلعي جا مکيه قبيلا بزنجو، محمد حسني، ساجدي، سياپڙ، ميرواڻي، رکشاني، سليماني ۽ قمبراڻي شامل آهن. 1998 جي آدمشماري مطابق ھتان جي %99.72 ماڻھن جي ٻولي بلوچي آھي.

معيشت

آواران ضلعي جي معيشيت زراعت تي مشتمل آهي. ھن کي کجين جو خيابان سڏيندا آهن. ھتان جي کجور جي سالياني پيداوار لڳ ڀڳ 15 ھزار ٽن آھي. ان کان سواءِ ھتي بصر جي پوک پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿي جنھن جي سالياني پيداوار جو تخمينو 53 ھزار ٽن آھي. ڪڻڪ ۽ جَوَ مکيه ربيع وارا فصل آھن. خريف ۾ ھتي ميوا ۽ داليون پوکيون وينديون آهن.

تعليم

پاڪستان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن رينڪنگ 2017 مطابق الف اعلان واري رپورٽ م پاڪستان جي 155 ضلعن ۾ آواران ضلعي جو درجو 137 ھون ھيو.

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.