آفريڪا جو سِڱ (انگريزي: Horn of Africa ) آفريڪا جو جاگرافيائي علائقو آھي جيڪو اتر اوڀر آفريڪا ۾ صومالي اپٻيٽ تي مشتمل آھي. ان علائقي جي بيهڪ گينڊي جي سڱ وانگر آهي، ان ڪري هن کي ”آفريڪا جو سڱ“ سڏجي ٿو. اوڀر آفريڪا سان لاڳاپيل هن علائقي جي زمين وسيلن سان مالامال ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان اهم آهي. ماضيءَ ۾ هي علائقو ايشيا ۽ آفريڪا وچ۾ اچ وڃ جو رستو به رهيو آهي. هن علائقي تي بربر قبيلن جو قبضو رهڻ ڪري، هن علائقي کي ”بلاد بربر“ به سڏيو ويندو هو. هن علائقي ۾ سوڊان، اريٽريا، ايٿيوپيا، جبوتي ۽ صوماليا جا مُلڪ شامل آهن.[1] اردو ۽ عربي ٻولين ۾ ان کي قرن آفريقا چون ٿا.ان جي پکيڙ اٽڪل ٻہ لک چورس ڪلوميٽر آهي. ان جون حدون خليج عدن ۽ عربي سمنڊ سان ملن ٿيون. ھي علائقو دنيا جي گرم ۽ خشڪ علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھن علائقي جي 85 سيڪڙو آبادي ايٿوپيا ۾ رھي ٿي.

ترت ڄاڻ آفريڪا جو سڱ, ملڪ ۽ خطا ...
آفريڪا جو سڱ
Thumb
ملڪ ۽ خطا
مکيه علائقائي تنظيمون عرب ليگ, ڪامن مارڪيٽ فار ايسٽرن اينڊ سدرن آفريقا, ڪميونٽي آف ساحل سحارن اسٽيٽس , انٽر گورنمينٽل اٿارٽي آن ڊولپمينٽ
آبادي 122,618,170 (2016 est.)
پکيڙ 1,882,757 km2
ٻوليون
مذھب اسلام, عيسائيت , روايتي آفريڪي عقيدا
وقت وارا خطا UTC+03:00
ڪرنسي
  • جبوتين فرينڪ
  • ايريٽيرين نافقه
  • ايٿوپين بير
  • صومالي شلنگ
گادي جا هنڌ اديس ابابا (ايٿوپيا)
اسمارا ( ايريٽيريا)
جبوتي سٽي (جبوتي)
موگاديشو (صوماليه)
ٽوٽل جي ڊي پي (پ پ پ) $ 247.751 ارب ڊالر (2016)
ٽوٽل جي ڊي پي (نامينل) $ 102,057 ارب ڊالر (2016)
بند ڪريو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.