From Wikipedia, the free encyclopedia
آسٽريا جو وفاقي چانسلر (انگريزي: Fedral Chancellor of Austria) آسٽريا جي ريپپلڪ جو حڪومتي سربراھ ھوندو آھي. اھو عھدو پارلياماني نظام واري وزير اعظم جي عھدي جي برابر آهي. وزيراعظم جي عھدي کي جرمن ٻولي ۾ چانسلر سڏيندا آهن. 7 جنوري 2020ع تي آسٽريا جي چانسلر جي چونڊن ۾ سيباسٽيان ڪرز چونڊجي آيو.[2]
چانسلر آسٽريا
| |
---|---|
آسٽريا جو جھنڊو | |
آسٽريا جو نسبتي نشان حڪومت جي اگزيڪيوٽو برانچ آسٽريا جي چانسلري | |
عهديدار سيباسٽيان ڪرز 7 جنوري 2020 کان | |
تعظيمي لقبَ | مسٽر چانسلر
(معياري) ھز ايڪسيلنسي (سفارتي) |
رهائش | چانسلري |
تجويز ڪندڙ | سياسي پارٽيون |
مقرر ڪندڙ | صدر |
عھدي جي مدت | ڪوبه مدو مقرر ناھي |
شروعات | ڪارل رينر |
تشڪيل | * شروعات جي تاريخ: 1 آڪٽوبر 1920
|
نائب | وائيس چانسلر |
پگهار | €306,446 سالياني[1] |
ويب سائيٽ | federal-chancellery |
آسٽريا جو چانسلر اتان جو وفاقي چانسلر سڏبو آهي. ھي آسٽريا جي حڪومتي ڪابينه جي صدارت ڪندو آهي. ڪابينه ۾ چانسلر ، وائيس چانسلر ۽ وزيرَ شامل ھوندا آھن. چانسلر حڪومت جو سڀ کان وڏو سربراھ ھوندو آھي. آسٽريا جو رياستي سربراھ ملڪ جو صدر ھوندو آھي. آسٽريا ۾ اختيارن جو وڏو تعداد چانسلر وٽ ھوندو آھي پر ڪجهه انتظامي اختيار صدر وٽ آھن. چانسلر جي سرڪاري رھائشگاھ ۽ سرڪاري آفيس واري جاء کي چانسلري سڏيندا آهن جيڪا وياڻا جي بالھائوسپلاٽز ۾ واقع آهي. چانسلر ۽ ان جي ڪابينه کي برطرف ڪرڻ جا اختيار آسٽريا جي صدر وٽ آھن.
آسٽريا جي آئين مطابق چانسلر جي مقرري ملڪ جو صدر ڪندو آهي[3] صدر آسٽريا جي نيشنل ڪائونسل جي رڪن واري لياقت رکندڙ ڪنھن بہ شخص، جيڪو عمر ۾ 18 سال کان گھٽ نہ ھجي، کي چانسلر مقرر ڪندو آهي[4]. چانسلر مقري بعد لازمي طور تي نيشنل ڪائونسل مان اعتماد جو ووٽ وٺندو آهي. عام طور تي چانسلر نيشنل ڪائونسل ۾ اڪثريت سان چونڊجي ايندڙ پارٽي جو سربراھ ھوڻدو آھي.
آسٽريا جي آئين ۾ چانسلر جي عھدي جي ڪابہ ڄاڻايل مدت ڪانہ ھوندي آھي. نيشنل ڪائونسل جڏھن مدي ختم ٿيڻ ڪري ٽٽي ويندي آهي تہ چانسلر پنھنجي مرضيءَ سان استعفي ڏئي سگھندو آھي. استعيفا نہ ڏيڻ جي صورت ۾ اھو نگران چانسلر طور ڪم جاري رکندو آھي. عام طور تي صدر چانسلر جي استعفي قبول نہ ڪندو آهي ۽ کيس بطور نگران چانسلر جي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيندو آھي[5] چانسلر جي مقرري ۽ برطرفي ساڳي وقت ان جي ڪابينه يا حڪومت جي مقرري يا برطرفي سمجھي ويندي آهي. وزيرن جي مقرري صدر چانسلر جي صلاح سان ڪندو آهي چانسلر ۽ وزير حلف کڻڻ سان بااختيار ٿي ويندا آهن.[6] انھن کي پارليامينٽ مان توثيق جي ضرورت ناھي ھوندي[7] نيشنل ڪائونسل چانسلر جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ منظور ڪري صدر کان چانسلر کي برطرف ڪرائي سگھي ٿي. تحريڪ عدم اعتماد آسٽريا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو 2019ع ۾ آسٽريا جي چانسلر سيباسٽيان ڪرز جي خلاف ڪامياب ٿي ھئي جنھن ڪري صدر کيس برطرف ڪيو ھو[8][9].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.