From Wikipedia, the free encyclopedia
آجپي يا آزادي (Freedom) مان مراد هر انسان جو ڪنھن روڪ ٽوڪ بنا پنھنجي خواهش مطابق زندگي گهارڻ جو حق آهي، پر ان حق جي استعمال سان ٻئي ڪنھن جو ساڳيو حق متاثر نہ ٿئي. آزاديءَ ۾ فرد کي اهڙو ماحول فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنھن سان کيس پنھنجن صلاحيتن کي مُناسب طريقي سان اظھارڻ جو موقعو ملي، انھيءَ ڪري هي تصور انھن شهري آزادين واري تصور سان سلھاڙيل آهي، جن کي رياستي سطح تي تحفظ ڏئي جائز حق طور مڃيو وڃي. اهڙن حقن ۾ گڏجڻ، سلھاڙجڻ، چُرپر ڪرڻ، پسند جو مذهب اختيار ڪرڻ، اظھارڻ، لکڻ ۽ سوچڻ سميت اڻڳڻ حق شامل آهن. تاريخ ۾ اهڙا حق طاقت جي زور تي ڦٻايا ويا آهن، تنھنڪري طاقت جو هڪ هنڌ ڪٺو ٿيڻ وارو عمل آزاديءَ کي ختم ڪري ٿو. جديد جمھوري سماج ۾ طاقت جو مُختلف هٿن ۾ هُئڻ ۽ ورهائجڻ آزاديءَ کي بچاءُ ڏي ٿو.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.