From Wikipedia, the free encyclopedia
گيمبيا : (انگريزي: Gambia ) (i/ˈɡæmbiə/) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گيمبيا آهي، جيڪو آفريڪا کنڊ جو سڀ کان ننڍڙو ملڪ آھي جنھن جي لڳ ڀڳ چوڌاري سينيگال ملڪ جون سرحدون آهن صرف اولھ طرف ٿورو اينٽلانٽڪ سمنڊ جو ڪنارو اٿس.[4]
ريپبلڪ آف گيمبيا | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"ترقي، امن ۽ خوشحالي" | |||||
ترانو: "اسانجي وطن گيمبيا لاء" | |||||
گادي جو هنڌ | بينجول 13°28′N 16°36′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | سرہڪنڊا (Serekunda ) | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
قومي ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ (2013 جي آدمشماري) |
| ||||
مقامي آبادي | گيمبين | ||||
حڪومت | وحداني صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
ايڊاما بارو | ||||
• نائب صدر |
اساٽوئو ٽوئري | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
آزادي | |||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
18 فيبروري 1965 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
10٬689 km2 (4٬127 sq mi) (159ھون) | ||||
• پاڻي (%) |
11.5 | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو |
2,051,363[2] (146) | ||||
• 2013 مردم شماري |
1,857 ،181 | ||||
• گھاٽائي |
176.1 /km2 (456.1 /sq mi) (74th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$3.582 ارب يو ايس ڊالر [3] | ||||
• في سيڪڙو |
$1,686[3] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.038 ارب يو ايس ڊالر [3] |
گيمبيا جو نالو گيمبيا ندي جي نالي تي پيل آھي جيڪو ھن ملڪ ڏانهن وھي ھن ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورھائيندي اينٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ھن ملڪ جي هڪ پکيڙ 10689 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ اپريل 2013 جي آدمشماري مطابق آبادي 1857151 آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بينجول شھر آھي. ملڪ جا سڀ کان وڏا شھر ترتيبوار سرہڪنڊا ۽ برڪاما آھن. ماضي ۾ گيمبيا پورچوگيزن لاء غلامن جي واپارجو مرڪز ھيو جن گيمبيا ندي جي ڪري ھتي واپاري ڪالوني قائم ڪئي ھئي. بعد ۾ 25 مئي 1765 ۾ [5] گيمبيا وارو والاريل علائقو برٽش ايمپائر جو حصو بڻايو ويو ۽ ھن علائقي کي سينيگيمبيا نالي صوبي جو درجو ڏنو ويو. 1965 ۾ ھن ملڪ داودا جاوارا جي اڳواڻي ۾ آزادي ماڻي جيڪو 1994 ۾ یحییٰ جاميح طرفان ڪيل خوني فوجي بغاوت ٿيڻ تائين ھن ملڪ جو صدر رھيو. ڊسمبر 2016 ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون جن م یحییٰ جاميح کي شڪست آئي ۽ جنوري 2017 م ايڊما بارو ملڪ جو ٽيون صدر ٿيو.[6] ھن ملڪ جي معيشت زراعت، مڇيءَ جو شڪار ۽ سياحت آھي.2015 م ملڪ جي آبادي جو 48.60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير ھيٺ زندگي گذاريندڙ ھئي. [7] ٻھراڙيءَ م حالت اڃان خراب ھئي جو اتي 70 سيڪڙو آبادي غربت ھيٺ ھئي.گيمبيا ۾ ڪل اٺ ضلعا آهن جن ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام آهي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.