From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪابل يونيورسٽي (انگریزی: Kabul University (KU؛ دانشگاه کابل) [2][3][4] افغانستان ۾ اعليٰ تعليم جو وڏو ۽ پراڻو ادارو آهي. اهو راڄڌاني ڪابل جي ٽيون ضلعي ۾، وزارت اعليٰ تعليم جي ويجهو آهي. اهو سال 1931ع ۾ بادشاهه محمد نادر شاهه پاران ٺهرايو ويو، جنهن جو وزيراعظم ان وقت سندس ننڍو ڀاءُ، سردار محمد هاشم خان هو.
لاطيني ٻولي: Universitas Cabulensis | |
چونڊيل چوڻي | Excellence in Service to Afghanistan |
---|---|
قسم | ڪابل يونيورسٽي |
سرگرم | نومبر 1932 |
چانسلر | Osama Aziz[1] |
پرووسٽ | اسامہ عزیز |
شاگرد | 22,000 |
پتو | ڪابل، افغانستان |
ويب سائيٽ | www |
لڳ ڀڳ 22,000 شاگرد ڪابل يونيورسٽي ۾ داخل ٿين ٿا. آگسٽ 2021ع ۾، طالبان جي قبضي کان اڳ، لڳ ڀڳ اڌ عورتون هيون.[5] يونيورسٽي کی فيبروري 2022ع ۾، ڪلاسن سان جنس سان الڳ ٿيل پر نصاب ۾ نسبتاً ڪجھ تبديلين جی گڈ ٻيهر کوليو ويو.[6]
قابل ذڪر گريجوئيٽ ۽ ڪابل يونيورسٽي جي اڳوڻي فيڪلٽي شامل آهن:
• ڪابل يونيورسٽي ۾ اسلامي قانون جو اڳوڻو ڊين، غلام محمد نيازي
• اڳوڻو افغان وزير اعظم محمد يوسف
• اڳوڻو افغان وزير اعظم محمد هاشم ميوندوال
• اڳوڻو افغان وزيراعظم محمد موسيٰ شفيق
• افغان سياستدان طاهر بدخشاني
• افغان سياستدان ۽ حزب اسلامي جو سربراهه، انجنيئر گلبدين حڪمت يار
• افغان شاعر واصف بختاري
• آمريڪي آثار قديمه جي ماهر، نينسي دوپري
• افغانستان جو اڳوڻو صدر برهان الدين رباني
• اڳوڻو افغان گوريلا ۽ فوجي اڳواڻ، احمد شاهه مسعود
• افغان شاعره خالده فروغ
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.