ديھ کڏھري(انگريزي: Deh Khudhari) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا کڏھري تپي ۾ واقع آهي.

ترت ڄاڻ کڏھري (نصيرآباد) ديھ کڏھري, ملڪ ...
کڏھري (نصيرآباد)
ديھ کڏھري
ديھ
Deh Khudhari
Thumb
کڏھري (نصيرآباد)
کڏھري (نصيرآباد)
Thumb
کڏھري (نصيرآباد)
کڏھري (نصيرآباد)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°19′38″N 67°52′39″E
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو نصيرآباد تعلقو
آبادي (2017)[1]
  ڪل 7,017
بند ڪريو

تاريخ

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1931ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ نئون ڳوٺ حاڪم ڏيپر جو، ڦٽل ڳوٺ حاڪم ڏيپر جو، ڳوٺ آرت مل ھندو، ۽ ان سان لڳولڳ ڳوٺ يار محمد ويسر، ڳوٺ مھراب ڏيپر، ڳوٺ کڏھري، ڳوٺ مينھون، ڳوٺ فيضو ڏيپر جنھن لڳ انجنيئر جو بنگلو واقع ھيا[2]. انھن مان اڪثر ڳوٺ غيرمعروف ٿي ويا يا ڦٽي ويا آهن. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ مير خان گاڏھي ، ڳوٺ مينھون ڏيپر، ڳوٺ علي بخش چانڊيو، ڳوٺ آڏي جاگير ۽ ڳوٺ رسول بخش چن معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مڱيو، ديھ آڏي لاشاري ۽ ديھ جلباڻي، اوڀر ۾ ديھ آڏي ڌامراھو، اولھ ۾ ديھ آھون ۽ ڏکڻ ۾ ديھ تعلقي ميھڙ جي ديھ بليدائي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. ھن ديھ کي ڏاکڻي پاسي ڌامراھ واھ وھندڙ آھي.

آبادي

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 7,017 ھئي جيڪا 1,162 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.