From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ (پيدائش نومبر 1، 1960)[3] آمريڪي واپاري ۽ صنعتي انجنيئر آھي. ڪُڪ ايپل انڪارپوريشن جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر آھي، ان کان اڳ ھي اسٽيوو جابز جي ذيلي عھدي چيف آپريٽنگ آفيسر طور ايپل ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آھي.[4]
ٽم ڪُڪ | |
---|---|
پيدائش | ٽموٿي ڊونلڊ ڪُڪ نومبر 1960 (عمر 63 سال) موبائيل، الاباما، آمريڪا جون گڏيل رياستون |
رھائش | پالو آلٽو، ڪيليفورنيا، آمريڪا جون گڏيل رياستون |
تعليم | آبرن يونيورسٽي (بي ايس) ڊيوڪ يونيورسٽي (ايم بي اي) |
ڌڻي |
|
پگھار | آمريڪي ڊالر 15.7 ملين (2018)[1] |
آمدني | 1.3 ارب آمريڪي ڊالر(2015)[2] |
سڃاڻپ نشان | |
ٽم ڪُڪ 1998ع تي اپيل ۾ عالمي آپريشنز جي سينئر نائب صدر طور داخل ٿيو، ھن کي بعد ۾ ترقي ڏئي عالمي واپار ۽ آپريشنز جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو.[5] ھن کي 24 آگسٽ 2011ع تي اسٽوو جابز جي وفات کاناڳ اپيل جو چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو.[6] ھن ان عھدي سنڀالڻ کان پوءِ سياسي اصلاحات، سائبرسڪيورٽي ۽ ٻين بنيادي انساني مسئلن بابت وڪالت شروع ڪئي.
2014ع تي ٽم ڪُڪ فارچيون 500 ڪمپينن مان پھريون چيف آيگزيڪيوٽو آفيسر ھو جنھن پڌرو ڪيو تہ ھو ھم جنس پرست آھي.[7] ڪُڪ نائيڪي انڪارپورشن جي بورد آف ڊائرڪٽر جو ميمبر پڻ آھي.[6] مارچ 2015ع تي ھن سندس سموري آمدني خيراتي ادارن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.[8]
ٽم آمريڪي شھر موبائيل الاباما ۾ 1 نومبر 1960ع تي پيدا ٿيو.[9][10] ٽم جو والد ڊونلڊ ھڪ شپ يارڊ ۾ ڪم ڪندو ھو. ھن امڙ جيلڊن فارميسي ۾ ڪم ڪندي ھئي.[9][11] ھن شروعاتي تعليم رابرٽسڊل ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. ھن بي ايس صنعتي انجنئرنگ جي سند آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي حاصل ڪئي.[12] ھن ايم بي اي جي ڊگري ڊيوڪ يونيورسٽي جي فوڪوا اسڪول آف بزنسز مان 1988ع تي حاصل ڪئي.[13]
آبرن يونيورسٽي مان 1982ع تي بي ايس جي سند حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھن 12 سال آئي بي ايم جي ذاتي ڪمپيوٽر جي واپار واري شعبي ۾ گذاريا، جنھن کان پوءِ ھن کي اتر آمريڪا جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.[5] ھي اھو وقت ھو جڏھن ٽم ڊيوڪ يونيورسٽي مان ايم بي اي جي سند حاصل ڪئي. ان کا پوءِ ھي انٽيلجنس اليڪٽرانڪس نالي اداري جي ڪمپيوٽر ريسيلر ڊويز جو چيف آپريٽنگ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون، ھين1997ع تي ڪامپيڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي جتي ھن ڇھن مھينن لاءِنائب صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.[14]
اسٽيوو جابز 1998ع ۾ ٽم کي ايپل ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. ٽم آبرن يونيورسٽي ۾ خطاب دوران چيو تہ ھن اسٽوو جابز سان ملڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو تہ ھو اپيل جو حصو ٿيندو:
جيڪڏھن ڏسجي تہ فائدا ڪامپيڪ ۾ وڌيڪ ملي رھيا ھئا. جيڪي ماڻھو مون کي سڃاڻين پيا انھن صلاح ڏني تہ آئون ڪامپيڪ کي نہ ڇڏيان. 1998ع جي ان ڏينھن ۾ پنھنجي دل جو آواز ٻڌو، مون نہ دماغ جو کاٻو پاسو استعمال ڪيو ۽ نا ئي دوستن کان صلاح ورتم... اسٽيوو جابز سان انٽرويو جي پھرين پنجن منٽن ۾ مون فيصلو ڪري ورتو تہ مونکي ايپل ۾ شامل ٿيڻو آھي.
ھن کي ايپل ۾ عالمي آپريشنز جي سينئر نائب صدر طور مقرر ڪيو ويو. ڪُڪ ھن عھدي تي رھي سمورن گدامن ۽ ڪارخانن کي بند ڪري اھي پيٽي ٺيڪيدارن جي حوالي ڪري ڇڏيا. جنھن کان پوءِ جيڪي شيون ايپل کي مھينن کان پوءِ ٺھي ملنديون ھيون اھي ھاڻ ڏينھن ۾ ملڻ لڳيون.
جنوري 2007ع ۾ ٽم کي ترقي ڏئي ليڊ آپريشنز مقرر ڪيو ويو. ۽ ھي 2009 ۾ چيف آيگزيڪيوو مقرر ڪيو ويو، سان وقت ٽم بيماري جي سبب موڪل تي ويل ھو، جنوري 2011ع تي ايپل جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ٽم جي ٽين موڪيل جي درخواست پڻ منظور ڪئي، ان وقت ٽم ايپل ۾ ھر ڏينھن جي ڪاروھنوار جو زميوار ھو.
ايپل جي سي اِي او جڏھن استعفي ڏنو ۽ بورڊ جو چيئرمين ٿيو تہ 24 آگسٽ 2011ع تي ٽم ڪُڪ جو نالو سي اِي او لاءِ نامزد ڪيو ويو. ڇھہ ھفتا پوءِ، 5 آڪٽوبر 2011ع تي اسٽيوو جابز ڪينسر وگهي فوت ٿي ويو. 29 آڪٽوبر 2012ع تي ٽم ڪمپني جي اڳواڻن ۾ وڏي تبديلي آندي، ھن آئي او ايس جي سينئر نائب صدر اسڪاٽ فارسٽال استعفي ڏئي ڇڏي، ۽ کيس ٽم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو جنھن کي 2013ع مان ڪمپني مان ڪڍيو ويو. ڪمپني سنڀالڻ کان ڇھہ مھينا پوءِ ھن ريٽئل جي نائب صدر کي پڻ ڪمپني مان ڪڍي ڇڏيو. فارسٽال جي عھدي کي ختم ڪري ان کي چئن عھدن ۾ ورھايو ويو، جنھن ۾ سر جوناٿن ايوو کي انٽرفيس، کي فيڊريگي کي سافٽويئر جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. ايڊي ڪيو کي نقشن ۽ سري جي زميواري ڏني وئي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.