From Wikipedia, the free encyclopedia
يادگارِ پاڪستان (انگريزي: Pakistan Monument) ھڪ قومي يادگار آھي، جيڪو اسلام آباد ۾ شڪرپڙيان جبلن ۾ واقع آھي. ھي يادگار پاڪستان جي ماڻھن جي ٻڌي ۽ ايڪي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٺاھيو ويو. ھي يادگار انھن پاڪستانين جي نالي ڪيو ويو جن پنھنجو حال مستقبل لاءِ قربان ڪيو.
يادگارِ پاڪستان | |
---|---|
Pakistan Monument | |
رات جي وقت يادگار جو ھڪ ڏيک | |
عام معلومات | |
قسم | عوامي يادگار |
طرزِ اڏاوت | مغل |
مڪانيت | اسلام آباد، پاڪستان |
مڪانيت | 33°41′36″N 73°04′06″E |
اڏاوت شروع ٿيڻ جي تاريخ | 25 مئي 2004ع |
افتتاح | 23 مارچ 2007ع |
مالڪ | ثقافت کاتو |
Landlord | ڪيپٽل ڊولپمنٽ اٿارٽي |
ڊزائن ۽ تعمير | |
آرڪيٽيڪٽ | عارف مسعود (آرٽ ورڪ گوچرنگ) (ماربل اينڊ گرينائيٽ ورڪس اسٽون فارايوار پرائيويٽ لميٽڊ) |
انجنيئر | سيد محمود خالد |
بناوٽي انجنيئر | مشتاق ۽ بلال |
ٻيا ڊزائنر | خصر حيات اصغر |
مک ٺيڪيدار | يونيورسل ڪارپوريشن (پراجيڪٽ ڊارئڪٽر: برگيڊيئر مقبول احمد خان ) |
ھن يادگار ۾ چار گلن جي پنکڙين وانگر ٺھيل منارا پاڪستان جي چار وڏين ثقافتن، پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون کي ظاھر ڪن ٿا. ٽي ننڍا منارا، اقليتي، آزاد ڪشمير، ۽ گلگت بلتستان جي ثقافتن کي اجاگر ڪن ٿا. ھي يادگار ھڪ سياحتي مرڪز آھي جيڪو اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پڻ نظر ايندو آھي.[1]
قومي يادگار ٺھرائڻ جو خيال پھرين دفعي حڪومت پاڪستان پيش ڪيو، جنھن جي معاونت ممتاز مفتي جي پٽ عڪسي مفتي ڪئي. حڪومت پاڪستان جي ثقافت واري کاتي کي آرڪيٽڪٽس ۽ ٽائون جي منصوبابندي ڪندڙن وٽان يادگار جي ڊزائين ٺھرائڻ لاءِ مقابلي جو ڪم سونپيو ويو. مقابلي جو بنيادي نقطو طاقت، اتحاد، پاڪستان جي ماڻھن جو آزاد قوم ۽ آزادي لاءِ قربانيون ڏيڻ ھو.[2] ڪُل 21 ڊزائينن مان 3 ڊزائينن کي آخري مرحلي لاءِ چونڊيو ويو. عارف مسعود پاران ٺاھيل ڊزائين کي 10 جولائي 2003ع تي مقابلي جو فاتح قرار ڏنو ويو. يادگار جي پيڙھ جو پٿر 25 مئي 2004ع تي رکيو ويو، جڏھن تہ يادگار 2006ع تي جوڙي راس ٿيو. 23 مارچ 2007ع تي پاڪستان جي تڏھوڪي صدر پرويز مشرف يادگار جو افتتاح ڪيو.[3][4]
يادگار 6.9 ايڪڙن تي مشتمل آھي، يادگار ننڍي کنڊي جي مغل طرزِ اڏاوت تحت ٺيھل آھي. گل جي پنکڙين جيان ٺھيل ڊزائين مغل طرزِ اڏاوت جي مقرنس مان کنيل آھي، جيئن يادگار جي آرڪيٽڪٽ جو چوڻ آھي تہ ”اسان ماضي مان سکون ضرور، پر ماضي ۾ رھون نہ“ ھن ٽيڪنالاجي جي مدد سان قديم مقرنس کي جديد شڪل ڏني.
يادگار جي ڀرسان يادگارِ پاڪستان عجائب گهر آھي، جنھن ۾ ھڪ عجائب گهر ميڻ سان ٺھيل تحريڪ پاڪستان جي اھم واقعن بابت آھي. ان کانسواءِ ھڪ حوالا لائبريري، آواز ۽ بصري رڪارڊ، ان سان گڏ 62 سيٽن تي مشتمل ھڪ ڪانفرنس ھال، جنھن کي پينوراما ھال چيو ويندو آھي، پڻ موجود آھن.[5] ڪامپليڪس ۾ سرسري 1500 سياح روز اچن ٿا، 2015ع ۾ ايندڙ سياحن جو تعداد 0.57 ملين ھو،[6] جڏھن تہ 2018ع ۾ ايندڙ جو تعداد 514944 ھو.[7]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.