مسلمان
اسلام جو پيروڪار From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلام جو پيروڪار From Wikipedia, the free encyclopedia
سانچو:Islam
مسلمان (عربي: مسلم)، فارسي: مسلمان، انگريزي:Muslim) مان مراد اهو شخص آهي جيڪو دينِ اسلام تي يقين رکندو هجي۔ اگرچه مسلمانن جي عقيدي مطابق اسلام خدا جو دين آهي ۽ هي دين حضرت محمد صلي اللہ عليه وآله وسلم کان پهريان به موجود هيو ۽ جيڪي ماڻهو اللہ جي دين تي عمل ڪندا رهيا اهي مسلمان آهن۔ مثلاً قرآن جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام به مسلمان هيو۔ پر اڄڪلهه مسلمان مان مراد انکي ورتو ويندو آهي جيڪو حضرت محمد صلي اللہ عليه وآله وسلم جي آندل دین تي عمل ڪندو هجي ۽ يقين رکندو هجي۔
تفھيم القرآن مطابق مسلم اھو آھي جيڪو خدا آڏو پنهنجو سر جھڪائي، ان کي پنھنجو مالڪ، آقا، حاڪم معبود مڃي ۽ پاڻ کي خدا جي سپرد ڪري، ۽ خدا جي ڏنل ھدايت مطابق پنھنجي زندگي گذاري.ان عقيدي طرز عمل جو نالو اسلام آھي.[1]
سٿ کان اڳ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا اهي هن ڳالهه جو اقرار ڪندا هيا ته اللہ وحدہ لا شريڪ آهي ۽ حضرت محمد ﷺ اللہ جو رسول آهي۔ ان طريقي سان ڪو به شخص اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندو آهي۔ جڏهن ڪو حضرت محمد ﷺ کي اللہ جو رسول مڃي ڇڏي ته ان تي واجب ٿي ويندو آهي ته هو انهن جي هر ڳالهه تي ايمان رکي ۽ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري۔ مثلاً انهن فرمايو ته مونکان بعد ڪو به نبي نه ايندو ۽ هي ته هو خدا جو آخري رسول آهي ته هن ڳالهه تي ايمان رکڻ اسلام جي واجبات ۾ شامل آهن۔ اسلام جا بنيادي عقيدا جن تي مسلمانن جا ڪنهن فرقي ۾ ڪو اختلاف نه آهي، هيٺ ڏنل آهن
مٿين ڳالهين تي ايمان رکڻ واري کي مسلمان چيو ويندو آهي۔
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.