From Wikipedia, the free encyclopedia
محمد بخش سميجو (انگريزي:Muhammad Bux Samejo) (پيدائش: 5 فيبروري 1946ع - وفات: 13 سيپٽمبر 2004ع) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جو ناميارو هدايتڪار ۽ پروڊيسر هو. سندس پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ۾ ڊارما ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تان ٽيليڪاسٽ ٿيا جيڪي عوام ۾ مقبول ٿيا.[1][2][3]
محمد بخش سميجو Muhammad Bux Samejo | |
---|---|
پيدائش | محمد بخش سميجو فيبروري 05 1946 ڳوٺ ٻُٽ سرائي، ميھڙ تعلقو، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 13 سيپٽمبر 2004 (عمر 58 سال) ڪراچي |
ڌنڌو | هدايتڪار، پروڊيوسر |
ٻولي | سنڌي، اردو |
قوميت | پاڪستاني |
تعليم | ايم اي سياسيات |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
صنف | ڊرامو |
موضوع | هدايتڪاري |
مُکيه ڪم | ڊراما سيريل جياپو ڊراما سيريل جيت ڊراما سيريل ڪونج |
ايوارڊ | بهترين هدايتڪار پي ٽي وي اوارڊ |
محمد بخش سميجو جو اصل نالو بشير احمد هو پر سندس اسڪول رڪارڊ ۾ محمد بخش درج ڪيو ويو. هي 5 فيبروري 1946ع تي سنڌ جي دادو ضلعي جي ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻُٽَ سرائي ۾ فقير محمد سميجو جي گهر ۾ جنم ورتو.[4][1][2] سندس پيءُ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪند وهو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس خاندان اباڻي ڳوٺ مان لڏي اچي دادو شهر جي جڳت آباد پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن مئٽرڪ ، انٽر ۽ بي.اي کان پوءِ ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۾ 1964ع ۾ پاس ڪئي. هيءُ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀان سيدآباد ۾ استاد طور مقرر ٿيو پر 1972ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ بعد استادي پيشو ترڪ ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين. 75-1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن سينٽر تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروڊيوسر جي عهدي تي فائز ٿيو.[1][2]
محمد بخش سميجو جي هدايتڪاري ۽ پيش ڪش ۾ ڪيترائي سنڌي ٻولي ءُ اردو ۾ پِي ٽِي وِي ڪراچي سينٽر تان ڪيترائي ڪامياب ڊرامه نشر ٿيا. هن ڪيترائي اداڪار ۽ ليکڪ متعارف ڪرايا جن فن جي دنيا ۾ نالو ڪمايو. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا.[1][2] کيس 1996ع ۾ سٺن ڊرامن عيوض جرمني ۾ سَنَدُون ڏنيون ويون.[3]
محمد بخش سميجو دل جي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿيو. ڪافي ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ 13 سيپٽمبر 2004ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. کيس دادو شهر ۾ دفن ڪيو ويو.[1][2]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.