قاسم سليماني جو قتل
2020 جنوري ۾ عراق ۾ ايراني قافلي تي آمريڪا جو هوائي حملو (ايئر اسٽرائيڪ) From Wikipedia, the free encyclopedia
2020 جنوري ۾ عراق ۾ ايراني قافلي تي آمريڪا جو هوائي حملو (ايئر اسٽرائيڪ) From Wikipedia, the free encyclopedia
قاسم سليماني جو قتل (انگريزي: Assassination of Qasem Soleimani)، 3 جنوري 2020ع تي، آمريڪا پاران ڪيو ويو. ھي قتل آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ھلندڙ تڪرار دوران،[4] بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي ويجهو ڊور حملي ذريعي ڪيو ويو. ھن حملي ۾ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ قدس فورس (جنهن کي آمريڪا، [5][6] ڪينيڊا، [7]سعودي عرب ۽ بحرين هڪ دهشت گرد تنظيم نامزد ڪيو آهي) جو ڪمانڊر ۽ ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني مارجي ويو. [8] ھن حملي ۾ عراق جي پاپولر موبلائزيشن فورسز (پي ايم ايف) جو نائب چيئرمين ۽ نامزد دهشتگرد، ابو مهدي المهنديس [9] سميت 9 ٻِيا مُسافر پڻ مارجي وِيا.
قاسم سليماني جو قتل | |
---|---|
سلسلو فارسي نار بحران (2019ع کان تاحال) ۽ آمريڪي اڳواڻي ۾ عراق اندر مداخلت | |
حملي ۾ تباھ ٿيل قاسم سليماني جي گاڏي | |
قسم | ڊرون حملو[1] |
جڳھہ | 33°15′29″N 44°15′22″E |
منصوبا بندي ڪندڙ | گڏيل آمريڪي رياستون |
نشانو | قاسم سليماني[2] |
تاريخ | 3 جنوري 2020 لڳ ڀڳ 1:00 وڳي رات[3] (مقامي وقت، يو ٽي سي 3+) |
پورو ڪندڙ | آمريڪا جي ھوائي فوج |
نتيجو | ڪامياب |
نقصان | 10 مارجي ويا، بشمول قاسم سليماني ۽ ابو مهدي المهنديس |
ھن هوائي حملي جي منظوري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏني ھئي. گڏيل آمريڪي رياستن جي دفاع واري کاتي مطابق آمريڪي سفارت ڪارن ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن کي روڪڻ لاءِ هي فيصلائتي "دفاعي ڪارروائي" ڪئي وئي، جڏهن تہ ايران مطابق هيءَ حملو "رياستي دهشت گردي" آھي. عراق ھن حملي کي قومي خودمختاري جي خلاف ورزي قرار ڏنو، ۽ 5 جنوري 2020 تي، عراقي پارليامينٽ سمورن غير ملڪي فوجين کي پنهنجي سرزمين تان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي.[10]
اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق ۽ ليونٽ (داعش) جي دهشت گرد تنظيم کي هيسائڻ (هراسان ڪرڻ) ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا جي انتظام هيٺ مشن آپريشن موروثي حل (آپريشن انهيرنٽ ريزولو (اوآءِ آر)) جي هڪ حصي طو، 2014 ۾ عراق جي اندر مداخلت ڪئي هُئي، ۽ عراقي فورسز سان گڏ ڪُلهوڪُلهي ۾ ملائي داعش مخالف اتحاد جي هڪ رِٿا طور تربيت ۽ ڪم ڪري رهي هئي. عراقی گَهرُو جنگ (خانہ جنگي) دوران، بنيادي طور ايران جي حمايتي شيعہ مليشيا هٿياربند— پاپولر موبلائزيشن فورسز جي مدد سان داعش کي 2017 ۾ وڏي پيماني تي شڪست ڏِني وَئي هُئي، جنهن ۾ عراقي وزير اعظم — ۽ آمريڪي حمايتي عراقي هٿياربند فوج کي سال 2016 کان رپورٽ ڏني وئي هُئي. [11]
هي حملو 2019–20 ۾ فارس نار جي بُحران دوران واقع ٿيو هو، ھي بحران 2018ع ۾ تڏھن شروع ٿيو، جڏھن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل 2015ع جي جوهري ٺاهه تان آمريڪا دستبردار ٿيو، ۽ ايران مٿان ٻيھر پابنديون لڳايون ويون. حملي کان اڳ ايراني عنصرن تي علائقي ۾ آمريڪي فوجُن کي هراسان ڪرڻ جي مُهم هَلائڻ جو الزام لڳايو ويو هو. 27 ڊسمبر 2019 تي، عراق ۾ ڪي-1 ايئر بيس، جنهن ۾ عراقي ۽ آمريڪي اهلڪار شامل هئا، تِن تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ آمريڪي ٺيڪيدار مارجي ويو هو.آمريڪا جوابي ڪاروائي ڪندي،عراق ۽ شام ۾ ايران جي حمايت يافتہ عسڪريت پسندجماعت حزب اللہ جي ٺڪاڻن تي هوائي حملا شروع ڪيا، جِن ۾ 25 عسڪريت پسند مارجي ويا. حملي جي ڪُجھ ڏينهَن کانپوءِ، شيعا مليشيا فوج جي اهلڪارن ۽ انهن جي حامين گرين زون ۾ آمريڪي سفارت خاني تي حملو ڪيو.
پينٽاگون جائزو ورتو تہ عراق ۾ آمريڪي فوجي ٺِڪاڻن (اَڏن) تي تهران جي حملن جو رهنما (سرواڻُ) سليماني هُيو، جنهن ۾ 2019 ڪي-1 ايئر بيس تي حملو ۽ آمريڪي شهرين جي مارجڻ، ۽ آمريڪي فضائي گاڏيءَ تي گولي ماري مارڻ شامل هُيو.[12][13][14]
اَڳُوڻَنِ آمريڪي صَدرَنِ جارج ڊبليو بش ۽ باراڪ اوباما ٻِنهين سوچ ويچار کانپوءِ قاسم سليماني کي نشانو بڻائڻ جي راءِ قائم ڪئي ۽ پوءِ وري ان راءِ کي ان خدشي سبب نامنظور (مسترد) ڪيو ويو، تہ اهو هڪ وڏي پيماني تي جنگ جي طرف وَڌي ويندو. ريٽائرڊ سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جو گُماشتو (آفيسر) مارڪ پوليمرپالوس دي نيويارڪ ٽائمز کي ٻُڌايو آهي تہ سليماني، آمريڪا جي هٿان مارجي ويل ٻين مخالفن جي ڀيٽ ۾ (برعڪس)، کُلي عام طور ڪم ڪرڻ ۾ سُڪون (راحت) محسوس ڪندو هُيو ۽ ان کي ڳولهڻ مشڪل نہ هُيو. سليماني گهڻي ريت پنهنجيون تصويرون ڇِڪيندو (ڪڍندو) هُيو ۽ آمريڪي فوجُنِ تي کُليل نموني ٽوڪَ (طنز) ڪندو هُيو. [15]
3 جنوري 2020 جي صبح سويري، سليماني جو جهاز بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جِتي اُن علائقي ۾ آمريڪي هوائي فوج (فضائيا، ايئر فورس) ۽ ٻيا فوجي جهاز ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون سميت اڳ ئي لڪيل گهات هڻي ويٺا هيا. آمريڪي حڪومت پاران نامزد دهشت گرد ابو مهدي المهندس سميت سليماني ۽ ايراني حامي نيم فوجي شخصيتون،[16] ٻن گاڏين ۾ داخل ٿيا ۽ ايئر پورٽ تان اندرون شهر بغداد جي طرف روانا ٿِيا. مقامي وقت مطابق صبح 1 بجي (رات جي ٻارنهن وڄڻ کانپوءِ 1 وڄڻ واري مهل) جي لڳ ڀڳ، ايم ڪيو-9 رائپر ڊرون بغداد ايئرپورٽ روڊ تي ويندڙ انهيءَ قافلي (ڪاروان) تي حملو ڪندي انيڪ (ڪيترائي) ميزائل ڇڏيا، جنهن سان ٻنهين ڪارين (گاڏين) کي باهه (آتشزدگي) وَڪوڙي وئي 10 ماڻهو مارجي ويا.[17][18][19][20][21]
اِنهيءَ واقعي جي اطلاع ملندي ئي، آمريڪا جي بچاءُ کاتو (محڪمو دفاع) هِڪُ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ اهو هوائي حملو (ايئر سٽرائيڪ) "صدر جي هدایت" تي ڪيو ويو ۽ ان جو مقصد مستقبل جي حملن کي روڪڻ هُيو.[22][23] ٽرمپ مؤقف اختيار ڪيو تہ سليماني امريڪي سفارت ڪارن (سفيرن) ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن جي رِٿابندي(منصوبا بندي) ڪري رهيو هُيو ۽ اُنَ پاران بغداد ۾ آمريڪي سفارت خانو تي حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي هُئي.[24][25][26]
ان حملي جي قانوني حيثيت کي بعد ۾ بين الاقوامي قانون سان گڏوگڏ آمريڪا جي اندروني گهريلو قانونن ۽ عراق سان سندن ٻہ طرفو سيڪيورٽي معاهدن جي سلسلي ۾ پڻ سوالي نشان لڳايو ويو هُيو. سليماني جي مارجي وڃڻ سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزيءَ سان وَاڌارو ٿيو ۽ فوجي تنازعي جو خدشو پيدا ٿي ويو. ايراني اَڳِوَاڻن بدلو وَٺڻ جو پڪو پهہ (عزم) ڪيو، جڏهن تہ آمريڪي عهديدارن جو چوڻ هُيو تہ هو کين حق آهي تہ هو عراق ۾ ايران جي حمايتي نيم فوجي دستن (پيراملٽري) تي ڪنهن بھ نوعيت جو حملو ڪرڻ جو امڪان بڻائيندا، جنهن ۾ انهن کي خطرو هُئڻ سميت ثقافتي ماڳن جو پڻ احساس هيو. 5 جنوري 2020 تي، ايران 2015 وارو بين الاقوامي جوهري معاهدو تان پنهنجي وعدن (ڪمٽمينٽ) کي ختم ڪيو. [27]
القدس فورس اڳواڻ جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ جوابي ڪاروائي ڪندي ايران پاران عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي فوجي اڏن تي ميزائل حملا ڪيا.[28][29]
وڪيميڊيا العام ۾ قاسم سليماني جو قتل سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.