From Wikipedia, the free encyclopedia
شاهزيب خان جو قتل (انگريزي: Murder of Shahzeb Khan)، يونيورسٽي جي شاگرد شاهزيب خان جي قتل جي واقعي کي چيو ويندو آهي، جنهن کي 25 ڊسمبر 2012ع تي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو هو. هن واقعي سڄي ۾ ملڪ ۾ ڪاوڙ کي جنم ڏنو، ڇو ته قتل ڪندڙ پاڪستان جي امير ماڻهو جو پٽ هو. 7 جون 2013ع تي زميندار سڪندر جتوئي جي پٽ شاهه رخ جتوئي، سراج ٽالپر کي هن ڏوهه جي سزا ۾ ڦاسي جي سزا ڏني وئي. قتل ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سجاد ٽالپر ۽ غلام مصطفي لاشاري کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي.[1] سيپٽمبر 2013ع تي شاهزيب جي والدين ڊي ايس پي اورنگزيب خان ۽ امبرين اورنگزيب، هڪ قسمنامو جمح ڪرايو، جنهن ۾ چئني جوابدارن جي رهائي جي درخواست ڪيل هئي. 23 ڊسمبر 2017ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کين رهائي ڏني. 1 فيبروري 2018ع تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڪيو ته ٻئي ڪيس ٻيهر کوليا وڃن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.[2]
شاهزيب خان جو قتل | |
---|---|
جڳهه | ڪراچي، سنڌ |
مقانيت | 24°51′36″N 67°0′36″E |
تاريخ | 25 ڊسمبر 2012 (پي ايس ٽي UTC+5:00) |
قسم حملو |
فائرنگ |
هٿيار | بندوق |
فوتگيون | 1 |
متاثر | شاهزيب خان |
حملو ڪندڙ | شاه رخ جتوئي، ۽ سراج ٽالپر، ساجد ٽالپر، ۽ غلام مرتضي لاشاري |
شرڪت ڪندڙن جو تعداد |
4 |
مقصد | پلاند |
24 ڊسمبر 2012ع جي رات، شاهزيب جي ڀيڻ سندس ڀيڻ جي شادي تقريب مان واپس گھر اچي رهي هئي ته غلام مصطفي لاشاري ان سان بدتمزي ڪئي، جنهن جي ڪري شاهزيب ۽ شاه رخ جتوئي ۽ ٻين جوابدارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.[3] جهيڙي کان پوءِ شاه رخ جتوئي ۽ سراج شاهزيب جو پيڇو ڪيو، ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيو.[4]
شروع ۾ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي، جنهن کي سماجي رابطن واري ويبسائيٽن تي اهو مسئلو نمايان ٿي اڀريو. 7 جنوري 2013ع تي سراج ٽالپر، ساجد ٽالپر ۽ غلام مصطفي لاشاري کي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته شاه رخ جتوئي دبئي فرار ٿي ويو، جنهن کي پڻ بعد ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان کان پوءِ گواهن جوابدارن کي سڃاتو. ڪيترن ئي آفيسرن جي تبديلي کان پوءِ نيٺ مارچ ۾ هنن خلاف ڏوهه داخل ڪيو ويو. جون 2013ع تي ۾ُک جوابدار شاه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي موت جي سزا ڏني وئي. موت جي سزا اچڻ بعد ميڊيا جي ڪيمرائن سامهون شاه رخ جتوئي مسڪرائي رهيو هو، جنهن کان پوءِ بيهر سماجي رابطن جي ويبسائيٽن تي ماڻهن پاران چڙ جو اظهار ڪيو ويو.
هن ڪيس 28 نومبر 2017ع تي نئون رخ کنيو، جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ موت جي سزا آيل شاه رخ جتوئي جي ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو.[5][6][7]
23 ڊسمبر 2017ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جوابدارن کي ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي دوران ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. ضمانت طور جوابدرن 5 لک رپين جا ضمانتي باند ڏنا. ضمانت جو فيصلو ان قوت ڏنو ويو جڏهن شاهزيب جي خاندان ڪورٽ ۾ معاهدو پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته بغير ڪنهن رقم جي، شاهه رخ کي الله جي نالي تي معاف ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ موت جي سزا ختم ڪندي حڪم ڏنو ته هاڻ سيشن ڪورٽ دهشتگردي جو مقدمو هلائي. سول سوسائٽي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيئلنج ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ضمانت رد ڪندي، جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ سندس نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.[8]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.