From Wikipedia, the free encyclopedia
برونڊي(انگريزي: Burundi) i/bəˈrʊndi/, /-ˈrʌn-/)
جنھن جو سرڪاري نالو آھي جمهوريه برونڊي(انگريزي: Republic of Burundi) (سانچو:Lang-rn,[10]اھو اوڀر آفريڪا جو خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن جون سرحدون اتر ۾ روانڊا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ تنزانيا، اولھ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو سان ملن ٿيون. ھن جو شمار وچ آفريڪا جي ملڪن ۾ پڻ ٿيندو آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بوجمبورا آهي. ھن ملڪ جي ڏکڻ اولھ واري سرحد ٽانگانيڪا ڍنڍ سان پڻ ملي ٿي.
ريپبلڪ آف برونڊي
| |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
ترانو: Burundi Bwacu (Kirundi) اسانجو برونڊي | |||||
![]() مڪانيت برونڊي (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا (ھلڪو نيرو & تيز ڀورو) | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | بوجمبورا 3°30′S 30°00′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بوجمبورا | ||||
سرڪاري ٻوليون | ڪرونڊي ٻولي (قومي ۽ سرڪاري ٻولي ) فرينچ ٻولي (سرڪاري) انگريزي ( سرڪاري)[1][2][3][4] | ||||
نسلي گروھ ([5]) |
| ||||
مقامي آبادي | برونڊين | ||||
حڪومت | صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
پيري نڪورونزيزا | ||||
• نائب صدر |
گهاٽن سنديموو | ||||
• ٻيون نائب صدر |
جوزف بتوري | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
سينيٽ | |||||
نيشنل اسيمبلي | |||||
موجوده حالت | |||||
• رئانڊا- ارونڊي جو حصو بڻيو (گڏيل قومن جي ٽرسٽ ٽيريٽري ) |
1945–1962 | ||||
• بيلجيئم کان آزاد ٿيو |
1 جولاءِ 1962 | ||||
• ريپبلڪ |
1 جولاءِ 1966 | ||||
• برونڊي جي آئين |
28 فبروري 2005 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
27٬834 km2 (10٬747 sq mi)[6] (142nd) | ||||
• پاڻي (%) |
10[7] | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
10,524,117[8] (86th) | ||||
• 2008 مردم شماري |
8,053,574[6] | ||||
• گھاٽائي |
401.6 /km2 (1٬040.1 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$7.985 ارب ڊالر[9] | ||||
• في سيڪڙو |
$808[9] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$3.393 ارب ڊالر[9] |
ھي ملڪ 1962 ۾ بيلجيئم کان آزاد ٿيو. ھن ملڪ جي تاريخ جو وڏو حصو سياسي تشدد ۽ غيرجمهوري اقتدار جي منتقلي تي مشتمل آهي. ھن ملڪ جو پھريون جمھوري طريقي سان چونڊيل صدر ھوتو آڪٽوبر 1993 رڳو 100 ڏينھن جي حڪومت ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو. برونڊي ۾ ٻيون چونڊون 2005 ۾ ٿيون جن ۾ پيري نڪورونزيزا صدر چونڊجي آيو جيڪو ٻيون دفعو 2010 ۽ ٽيون دفعو 2015 ۾ وري صدر چونڊجي آيو[11].
برونڊي جي جاگرافيائي بيهڪ آفريڪا ۾ 3 30 S, 30 00 E تي آھي.ھن ملڪ جي پکيڙ 27,830 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 25,680 چورس ڪلوميٽر خشڪي آهي ۽ 2,150 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي. پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جي ملڪن ۾ 147 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي خشڪي واري سرحد 1,140 ڪلوميٽر آهي جيڪا ٽن ملڪن سان ملي ٿي جن مان ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو سان 236 ڪ م روانڊا سان 315 ڪ م ۽ تنزانيا سان 589 ڪ م آھي. بحري سرحد ڪانہ اٿس جو زمين سان گھيريل ملڪ آھي. ملڪ جا جابلو ۽ ٽاڪرو علائقا اوڀر واري پليٽ ڏي لھندڙ آھن ۽ باقي ميداني علائقا آهن[11].
ھي ملڪ سمنڊ جي سطح کان 722 ميٽرن کان 2670 ميٽرن تائين بلند آھي ۽ ان جي سراسري بلندي 1504 ميٽرن تائين آهي ان بلندي جي ڪري ان جو ساليانو گرمي پد 17 کان 23 سينٽي گريڊ تائين رھندو آھي ۽ عام طور تي سراسري بلندي وارين جاين تي وچٿرو رھندو آھي. ھن ملڪ برسات پوڻ جي سراسري شدت 150 سينٽي ميٽر آھي ۽ سال ۾ ٻہ برساتي موسمون آهن: پھرين موسم فبروري کان مئي تائين ۽ ٻين برساتي موسم سيپٽمبر کان نومبر تائين آھي.ساڳئي طرح سال جا باقي ٻہ حصا خشڪ موسم وارا ھوندا آھن[11].
ھتي جي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن ۾ نڪل، يورينيم، اڻ لڀ زميني آڪسائيڊ، ڪوئلو، ڪوبالٽ، ٽامو، پلاٽينيم ، ونيڊيئم، پوکي لائق زمين، ھائڊرو پاور، نيئوبيم، ٽينٽلم، سون، ٽين، ٽنگسٽن، ڪيئولين ۽ لائم اسٽون آھن[11]
ھن ملڪ جي زرعي زمين 73.3 سيڪڙو آھي جنھن مان 38.9 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ 15.6 سيڪڙو تي مستقل فصل ٿيندا آهن.18.8 سيڪڙو زرعي زمين تي مستقل چراگاھون آھن ۽ 6.6 سيڪڙو تي ٻيلا واقع آھن. 2012 ۾ ملڪ ۾ آبپاشيءَ تي آباد ٿيندڙ زمين 230 چورس ڪلوميٽر ھئي[11].
ھي ملڪ آفريڪا جي ڳتيل آبادي وارن ملڪن ۾ شامل آھي.ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق 11,466,756 آهي. آبادي جي لحاظ کان ھي ملڪ دنيا جي ملڪن ۾ 78 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي برونڊين سڏيندا آهن. ھتان جي آبادي جو 85 سيڪڙو ھوتو نسل جا ماڻهو آھن، 14 سيڪڙو ٽوٽسي ۽ ھڪ سيڪڙو توا يا پگمي نسل جا آھن.ان کان علاوه 3000 ماڻھو يورپي ۽ 2000 ڏکڻ ايشيائي بہ اتي رھندڙ آھن. آبادي جو 29.7 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي ڪرونڊي آھي ، 9.1 سيڪڙو فرينچ ڳالھائيندڙ آھن ۽ اھي ٻئي ٻوليون ملڪ جون سرڪاري ٻوليون آهن.باقي آبادي کوڙ ٻولين ڳالهائيندڙن ۾ ورھايل آھي. ھتان جي 62.1 سيڪڙو ماڻهن جو مذھب رومن ڪيٿولڪ ۽ 23.9 سيڪڙو ماڻهن جو پروٽسٽنٽ آھي. مسلمان 2.5 سيڪڙو آھن. ملڪ جي 90 سيڪڙو آبادي جو پيشو زراعت آھي. ملڪ ۾ خانہ جنگي جي ڪري لکين ماڻهو ملڪ ڇڏي پاسي وارن ملڪن ۾ پناھگيرن جي صورت اختيار ڪئي جيڪي امن قائم ٿيڻ بعد واپس ٿيڻ شروع ٿيا ھئا.ڊيموڪرٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۽ روانڊا جي جنگي حالتن جي ڪري بروندي بہ انھن ملڪن جي ماڻهن کي پناھ ڏيندڙ ملڪ آھي. برونڊي ۾ ايندڙ پناھگيرن جي اڪثريت ڪانگو وارن جي آھي[11].
ھن ملڪ جا پراڻا نالا ارونڊي، جرمن اوڀر آفريڪا ۽ برونڊي جي بادشاھت آھن. ھتان جو رياستي نظام صدارتي ريپبلڪ آھي. گاديءَ جي هنڌ بوجمبورا جي جاگرافيائي بيھڪ 3 22 S, 29 21 E. ھن ملڪ ۾ 18 صوبا آھن جن جا نالا آهن: بوبانزا، بوجمبورا مائرئي ، بوجمبورا ٻھراڙيءَ، بروري، ڪينڪوزو، سبيٽوڪ، گائٽيگا، ڪاروزي، ڪايانزا، ڪرونڊو، ماڪامبا، مورامويا، موارو، مويينگا، نگوزي، رمونگي، روتانا ۽ روييگي.
ھن ملڪ پھرين جولاءِ 1962 م گڏيل قومن جي بيلجيئم جي نگراني ۾ قائم ڪيل ٽرسٽ کان ازادي ورتي. ملڪ جو سياسي نظام موجوده آئين ذريعي جڙيل آھي جيڪو 28 فبروري 2005 جي ريفرنڊم جي ذريعي لاڳو ڪيو ويو. ھن ملڪ جو قانوني نظام بيلجيئم واري قانوني نظام تحت جڙيل آھي. ھي آڪٽوبر 2017 کان ملڪ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي اختيار کي نہ ٿو مڃي. ھي ملڪ ٻٽي شھريت کي ني ٿو مڃي ۽ ٻار جي ڄمڻ سان شھرت ملڻ کي بہ تسليم نہ ٿو ڪري. ھن ملڪ ۾ شھريت لاء لازم آھي تہ پيء ھن ملڪ جو شھري ھجي يا شھرت وٺندڙ لاڳيتو ڏھ سال ملڪ ۾ رھندڙ ھجي.. ھتي ووٽ جو يونيورسل حق 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آھي.[11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.