اُتر جرمنيڪ ٻولي جيڪا خاص طور آئيس لينڊ ۾ ڳالهائي ويندي آ From Wikipedia, the free encyclopedia
آئسلينڊڪ ٻولي (انگريزي: Icelandic language ) ھڪ اتر جرمنڪ ٻولين مان ھڪ ٻولي جو نالو آهي جيڪا دنيا ۾ 314000 ماڻھو ڳالھائن ٿا جن جي وڏي اڪثريت آئس لينڊ ملڪ ۾ رھندڙ آھي جنھن جي اھا سرڪاري ۽ قومي ٻولي آهي[1] آئسلينڊڪ يورپي ٻولين مان فروسي ۽ نارويجن جي وڌيڪ ويجھو آھي. اھا ٻولي ٻين يورپي ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قدامت رکي ٿي. ھن ٻولي ۾ فعل جون چار حالتون ھونديون آھن. ٻولي جو گرامر جرمن جي گرامر سان وڌيڪ ويجھو آھي. ھن ٻولي جي لکت فيروسي ٻولي جي لکت سان گھڻي ھڪجھڙائي آھي پر ڳالھائڻ ۾ ٻئي ٻوليون باھمي طور تي ڳالھائيندڙن کي سمجھ ۾ ايندڙ ناھن[3] نہ وري ڊينش ٻولي، نارويجن ٻولي ۽ سويڊش ٻولي ڳالھائيندڙ ۽ آئسلينڊڪ ڳالھائيندڙ باھمي طور تي ھڪٻئي جون ٻوليون سمجھي سگھن ٿا. جرمن ٻولي کان تہ اھا اڃان بہ وڌيڪ مختلف آھي. آئسلينڊڪ ڳالھائيندڙ 3,00,000 لک ماڻھو آئس لينڊ ۾ رھندڙ آھن. 8000 ماڻھو ڊينمارڪ ۾ رھن ٿا[4] 5000 ماڻھو يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ رھن ٿا[5] ۽ 1400 کان مٿي ماڻھو ڪيناڊا ۾ رھن ٿا[6].
آئسلينڊڪ ٻولي | |
---|---|
íslenska | |
اچار | [ˈistlɛnska] |
ٻولي جو وطن | آئس لينڊ |
نسل | آئسلينڊر |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
314,000 (2015)[1] |
انڊو يورپي
| |
پراڻيون صورتون |
پراڻي نورس
|
لاطيني (آئسلينڊڪ الفابيٽ | |
سرڪاري حيثيت | |
سرڪاري ٻولي وغيره |
سانچو:ISL |
ريگيوليٽر | آرني ميگنوسن انسٽيٽيوٽ فار آئسلينڊڪ اسٽڊيز صلاحڪاري حيثيت ۾ |
ٻولي جا ڪوڊ | |
ISO 639-1 | is |
ISO 639-2 | ice (B) isl (T) |
ISO 639-3 | isl |
گلوٽولوگ | icel1247 [2] |
لنگاسفيئر | 52-AAA-aa |
آئس لينڊ جتي آئسلينڊڪ اڪثريت جي ٻولي آھي جنھن کي 314000 ماڻھو | |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.