From Wikipedia, the free encyclopedia
پيانگ يانگ(انگريزي: Pyongyang ) اتر ڪوريا ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي جو هنڌ آهي جيڪو ٽائڊنگ ندي جي ڪناري تي واقع آھي اھا ندي اتان 109 ڪلوميٽر جي فاصلي تي پيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. 2008 جي ڪاٿو مطابق ھن شھر جي آبادي 32,55,288 ھئي[6] ھن شھر جو درجو صوبي جھڙو آھي ۽ اتي شھر جي الڳ حڪومت قائم آھي. ھن شھر جو شمار ڪوريائي اپٻيٽ جي سڀ کان پراڻن شھرن ۾ ٿئي ٿو. اھو ٻن قديم ڪوريائي بادشاهين ھرھڪ گوجوسيئون ۽ گوگريئو جو پڻ گادي جو هنڌ رھيو. پھرين چين جاپان جنگ ۾ ھي شھر لڳ ڀڳ تباھ ٿي ويو ھو پر پوء جاپان جي قبضي دوران ڪوريا جو صنعتي مرڪز بڻيو. اتر ڪوريا جي قيام بعد شھر ملڪ جو ڊي فيڪٽو گادي جو هنڌ ٿيو. ڪوريائي جنگ ۾ جي شھر ھڪ دفعو ٻيھر تباھ ٿيو پر جنگ جي خاتمي بعد سوويت يونين جي مدد سان جلد ٻيھر تعمير ٿي ويو. جي شھر ھن وقت اتر تور جو سياسي، صنعتي ۽ آمدورفت جو مرڪز آهي.
پيانگ يانگ 평양시 平壤市 | |
---|---|
ڪوريا جو شھر | |
پيانگ يانگ سڌوسنئون حڪومت ھيٺ شھر | |
نقل نگاري | |
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان کاٻي پاسي: پيانگ يانگ جو افقي منظر ۽ ٽائڊنگ ندي؛ جوشي ٽاور; فتح واري محراب؛ ٽانگمييانگ بادشاھ جو مقبرو؛ پيانگ يانگ ميٽرو واري پوھوانگ اسٽيشن؛ انضمام واري محراب ۽ ڪمسوسن محل | |
عرفيت: بيد وڻن وارو گادي جو هنڌ[1] | |
اتر ڪوريا ۾ پيانگ يانگ جو مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 39°1′10″N 125°44′17″E | |
ملڪ | اتر ڪوريا |
ضلعا | 18 ضلعا ۽ ٻہ ڪائونٽيون
|
حڪومت | |
• پيانگ يانگ جي پيپلز ڪاميٽي جو چيئرمين | چا ھوي رم[2] |
• ورڪرز پارٽي پيانگ يانگ شھري ڪاميٽي جو سيڪريٽري | ڪم يانگ ھوان[3] |
پکيڙ[4] | |
• ڪل | 2,000 ڪ.م2 (800 ميل2) |
آبادي (2016) | |
• ڪل | 2,870,000[5] |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.