From Wikipedia, the free encyclopedia
ربيع الاول اسلامي ڪيلينڊر جو ٽيون مھينو آھي۔ اھو نالو ان تي اسلام کان اڳ واري دؤر جو پيل ھيو. ان وقت بھار جي موسم ھن مھيني کان شروع ٿيندي ھئي جنھن ڪري ان کي ربيع الاول يعني بھار جي آغاز جو نالو ڏنو ويو[1][2][3] ۽ ان کان پوء ٻيو مھينو ربيع الثاني يا ربيع الآخر ٿي ويو يعني بھار جو ٻيون يا آخري مھينو. شروع ۾ 2 ھجري کان اڳ ھر ٽئين سال ھڪ مھينو وڌائي ان سال کي تيرھن مھينن جو ڪيو ويندو ھو، جنھن سان قمري ۽ شمسي سال جي وچ ۾ ھر سال ٿيندڙ 10 ڏينھن جو فرق ختم ٿي ويندو هو. تنھن ڪري ھي مھينو ھر سال ان ساڳي بھار جي موسم ۾ ايندو ھيو پر سن 2 ھجري ۾ سورة التوبة جي آيت نمبر 36 نازل ٿيڻ کان پوء (جنھن ۾ سال ۾ صرف ٻارھن مھينن کي لازمي ڪيو ويو) ان تيرھين مھيني شامل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو جنھن ڪري ربيع الاول ھاڻي مستقل ان ساڳي بھار جي موسم ۾ نہ ايندو آهي. اسلام کان اڳ ھن مھيني کي خُوَّان پڻ سڏيو ويندو هو.
صفر المظفر - ربيع الاول - ربيع الثاني | ||||||
ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ |
1 | 2 | 3 | 4 | 5 | 6 | 7 |
8 | 9 | 10 | 11 | 12 | 13 | 14 |
15 | 16 | 17 | 18 | 19 | 20 | 21 |
22 | 23 | 24 | 25 | 26 | 27 | 28 |
29 | 30 | |||||
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.