استوائي گني (انگريزي: Equatorial Guinea)، وچ آفريڪا جي هڪ ملڪ جو نالو آهي، ملڪ جي ايراضي 28 هزار چورس ڪلوميٽر آهي. آزادي کان اڳ هي اسپين جي قبضي ۾ آيل ملڪ هو. هن ملڪ جو نالو، خط استوا ۽ گني جي نار جي ويجهو هجڻ ڪري پيو. استوائي گني واحد آفريڪي ملڪ آهي جنهن جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي. 2015 جي آدمشماري موجب هن ملڪ ۾ 1,222,245 ماڻهو آباد آهن.

ترت ڄاڻ گادي جو هنڌ, سڀ کان وڏو شهر ...
عومي جمهوريه استوائي گني

انگريزي: Equatorial Guinea
اسپيني:República de Guinea Ecuatorial
فرانسيسي: République de Guinée équatoriale
Flag of استوائي گني
{{{coat_alt}}}
جھنڊو فوج جو نشان
ترانو: Caminemos pisando las sendas de nuestra inmensa felicidad (اسپيني)
Let us walk the paths of our immense happiness
مڪانيت  ايڪوٽوريل گائينا  (تيز نيرو)نقشو آفريڪا  (هلڪو اڇو  آفريڪي يونين)
مڪانيت  ايڪوٽوريل گائينا  (تيز نيرو)

نقشو آفريڪا  (هلڪو اڇو آفريڪي يونين)

گادي جو هنڌ ملابو
3°45′N 8°47′E
سڀ کان وڏو شهر بيٽا
دفتري ٻوليون اسپينش (قومي ٻولي)
فرانسيسي
پرتگالي[1][2][3]
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون فنگ
بوبي
ڪومبي
پيجن انگريزي
اينوبنيس، ايگبو[4][5]
نسلي گروھ (1994[6])
  • 81.7% فنگ
  • 6.5% بوبي
  • 3.6% اينڊءُ
  • 1.6% انوبن
  • 1.1% بوجيبا (ڪوزيو)
  • 5.4% ايگبو ۽ ٻياa
مقامي آبادي استوائي گني
حڪومت وحداني دوميننٽ پارٽي صدارتي عوامي جمهوريه (قانون موجب) زير نظر اختياري مرڪزيت آمريت (درحقيقت)[7]
 صدر
ٽيوڊورو اوبيانگ نگيوما مباسگو
 وزير اعظم
فرانسڪو پاسڪل اوباما اسو
 پهريون نائب صدر
ٽيوڊورو اوبيانگ نگيوما مباسگو
مقننه پارليامنٽ
سينيٽ
چيمبر آف ڊپٽيز
آزادي
 اسپين کان
12 آڪٽوبر 1968
پکيڙ
 جملي
28٬050 km2 (10٬830 sq mi) (141st)
 پاڻي (%)
خسيس
آبادي
 2016 اندازو
[8]
 2015 مردم شماري
1,222,442[9]
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$27.611 billion[10]
 في سيڪڙو
$31,931[10]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
 ڪل
$9.907 ارب ڊالر [10]
بند ڪريو

استوائي گني جي اتر ۾ ڪيمرون، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ گيبون ۽ اولهه ۾ گني نار واقع آهن. 1990ع جي ڏهاڪي جي وچ کان پوءِ استوائي گيني ذيلي آفريڪي سحارا جو سڀ کان وڌيڪ تيل پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو، هي ملڪ آفريڪا جو مجموعي ملڪي پيداوار جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ امير ملڪ آهي. قوت خريد جي حوالي سان هي ملڪ دنيا ۾ 43هين نمبر تي آهي.[11] امير هجڻ باجود ملڪ جي دولت غيرمنصفاڻي انداز ۾ ورهاست سبب، ان جو گھڻو حصو صرف چند فردن وٽ آهي. گڏيل قومن پاران 2016ع ۾ جاري ڪيل انساني ترقي جي شرح ۾ هن ملڪ جو 135 هون نمبر آهي. گڏيل قومن مطابق ملڪ جي اڌ آبادي کي صاف پاڻي نصيب آهي ۽ 20 سيڪڙو ٻار پنج سالن جي عمر کان اڳ فوت ٿي وڃن ٿا.

اختياري مرڪزيت هن ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. فريڊم هائوس جي سياسي ۽ شهري حقن جي سالياني رپورٽ ۾ استوائي جيني کي هر دفعي انساني حقن جي حوالي سان بدترين ملڪ ڪوٺيو وڃي ٿو.[12] انساني اسمگلنگ جي حوالي سان پڻ هن ملڪ کي بدترين تصور ڪيو وڃي ٿو. آمريڪا پاران 2012ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ استوائي جيني کي عورتن ۽ ٻارن جي جبري پورهئي ۽ جنسي اسنمگلنگ جي حوالي سان بدترين ملڪ ڄاڻيو ويو آهي.[13]

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.