30 سيپٽمبر جو واقعو
From Wikipedia, the free encyclopedia
30 سيپٽمبر 1988ع تي سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۾ هڪ قيامت جو منظر پيش ڪندڙ واقعو پيش آيو. جنهن ۾ اٽڪل 250 کان مٿي راهه ويندڙ بيگناهه ماڻهو ڪجهه منٽن جي اندر موت جي ور چڙهي ويا. مرڻ وارن کي خبر ئي نہ پئي تہ انهن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا ملي. مرڻ وارن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف فرقن، مذهبن ۽ ٻولين سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو شامل هئا. انهي قيامت اتي بس نہ ڪئي پر ٻئي ڏينهن پهرين آڪٽوبر 1988ع تي صبح جو سوير ڪراچي ۾ ساڳئي ڪاروائي ڪئي وئي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، انهي ۾ 80 کان مٿي ماڻهو پنهنجي زندگي بيگناھ وڃائي ويٺا. ٻئي ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ ناڪاري ۽ ڪارا ڏينهن آهن انهن واقعن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگي تي ڏاڍا ناڪاري اثر وڌا.
ان وقت سنڌ ۾ هڪ قوت سنڌ قومي اتحاد (Sindh Qaomi Itihaad) جي نالي سان اڀري رهي هئي، 20 مئي 1988ع تي سنڌ قومي اتحاد جو جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ بنياد رکيو ويو ۽ عبدالحميد جتوئي کي ان جو صدر مقرر ٿيو. سنڌ قومي اتحاد ۾ نہ رڳو قومپرست ڌريون شامل هيون، پر ان وقت سنڌ جون هڙئي مُکيہ سماجي ۽ ادبي تنظيمون ۽ هر زبان ۽ نسل جا سنڌ دوست ماڻهون پڻ شامل هئا. سنڌ قومي اتحاد جي ٺھڻ کان پوء حيدرآباد ۾ ڪجهه واقعا ڏاڍي تيزي سان ٿيا. سنڌي شاگردن جو هڪ جلوس قمر ڀٽي جي اڳواڻي ۾ بسن ۾ سوار ٿي ڄامشورو کان حيدرآباد آيو ۽ نعرا هڻندو اولڊ ڪئمپس ڏانهن وڃي رهيو هو جو اوچتو اسٽيشن روڊ تي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي آفيس مان بسن تي فائرنگ ڪئي وئي. ان وقت حيدرآباد جو ميئر ايم ڪيو ايم سان لاڳاپو رکندڙ افتاب احمد شيخ هو. انهي واقعي جي ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ اڃان ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڪجهه سياسي ۽ سماجي ڌرين جي وچ ۾ پوڻ تي سنڌ قومي اتحاد ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڳالهيون ٿيون، اهي ڳالهيون لطيف آباد ۾ سينيٽر اعجاز جتوئي جي بنگلي تي ٿيون. سنڌ قومي اتحاد جي طرفان عبدالحميد جتوئي اعجاز جتوئي، شاھ محمد شاھ، عبدالواحد آريسر، عرفان مهدي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا سنڌ قومي اتحاد طرفان هيٺيون ڳالهيون رکيون ويون.
- حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ کي هٽائڻ
- گاڏي کاتي چوڪ (حيدر چوڪ) تي ايم ڪيو ايم (MQM) طرفان لڳايل الطاف حسين جون تصويرون ۽ بينئر هٽائڻ
- ايم ڪيو ايم طرفان جلسي عام ۾ سنڌين کان معافي وٺڻ
مليل ڄاڻ موجب ايم ڪيو ايم جي وفد ميئر جي مسئلي تي پارٽي سان ڳالهائڻ لاء وقت گهريو. ڳالهيون هلندي جيئي اسٽوڊنٽس فيڊريشن (Jeay Sindh Students' Federation) جو نمائيندو عرفان مهدي ٻاهر هليو ويو ۽ موٽي اچي چيائين تہ جيڪو بہ فيصلو ڪرڻو آهي هتي ڪيو ۽ اڄ ڪيو. اسان وڌيڪ وقت ڏيڻ لاء تيار نہ آهيون، انهي تي ايم ڪيو ايم جي وفد پنهنجي مجبوري ڏيکاري ۽ ڳالهيون بنا نتيجي جي ختم ٿي ويون. 17 جولاء 1988ع تي آفتاب شيخ تي حملو ٿيو، پر هو بچي ويو ۽ انهي ڏينهن حيدرآباد مان 8 سنڌين جا لاش حيدرآباد کان ٻاهر ويا ۽ ائين اها ڇڪتاڻ وڌندي رهي. 22 جولاء تي جي ايم سيد سنڌ ۾ امن امان هي خراب صورتحال تي ڳالهائيندي چيو تہ اها حڪومت جي ناڪامي آهي ۽ انهي لاء حڪومت ۽ الطاف ٻئي ذميدار آهن. انهي بيان اچڻ کان پوء ٻئي ڏينهن الطاف حسين جي ايم سيد سان ملڻ لاء پاڻ حيدر منزل آيو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ غلط فهمين کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻن وڏن جي ملاقات بہ سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ نہ روڪرائي سگهي ۽ نيٺ 30 سيپٽمبر جو واقعو پيش آيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌ جي ٻن آبادين جي وچ ۾ قومي هڪجهڙائي (اهم آهنگي) ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي. انهي واقعي لاء ڪير ذميدار آهي. ان لاء يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر ان زماني جي ڄاڻو ۽ باخبر صحافتي حلقن ان جو ذميوار قادر مگسي ۽ الطاف حسين جو ايجنسين جي هٿان کيڏجي وڃڻ ڄاڻايو هو. [1] [2]
ٽيهه سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر وارن ٿيل انهن ڏکوئيندڙ واقعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جي مشهور صحافي ۽ شاعر حسن مجتبا پنهنجي شاعري ذريعي پنهنجو ڏک هن ريت ونڊيو هو.
ٽيهه سيپٽمبر فرسٽ آڪٽوبر
ڪائي ڳالهه خوشِي جي ناهن
ڄڻ جيون کي گاريون آهن
۽ ماڻهو کي ڀونڊا آهن
هي، هو، قومي هيرا ناهن
غونڊا آهن۔
حسن مجتبا