![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/3/3d/Kapisa_in_Afghanistan.svg/langsd-640px-Kapisa_in_Afghanistan.svg.png&w=640&q=50)
ڪاپيسا صوبو
افغانستان ۾ صوبو / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪاپيسا صوبو: (انگريزي: Kapisa Province) افغانستان جي 34 صوبن مان ھڪ صوبو جيڪو ان جي اتر اوڀر واري حصي ۾ واقع آهي ۽ جنھن جي آبادي 364900 ۽ پکيڙ 1842 چورس ڪلوميٽر آهي. اھو پکيڙ ۾ افغانستان جو سڀ کان ننڍڙو صوبو آهي پر ڪابل صوبي کان پوء سڀ کان وڏو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي.[2] ھن صوبي جي گادي جو هنڌ محمود راقي آهي ۽ آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر نجراب آهي.
ترت ڄاڻ ڪاپيسا صوبو کاپیسا ولايت, ملڪ ...
ڪاپيسا صوبو کاپیسا ولايت | |
---|---|
افغانستان جو صوبو | |
![]() افغانستان جي نقشي ۾ ڪاپيسا صوبو نمايان ڏيکاريل | |
افغانستان جي نقشي ۾ ڪاپيسا صوبو نمايان ڏيکاريل | |
جاگرافي بيهڪ (گاديءَ جو هنڌ): 35.0°N 69.7°E / 35.0; 69.7 | |
ملڪ | ![]() |
گاديءَ جو هنڌ | محمود راقي |
سڀ کان وڏو شھر | نجراب |
حڪومت | |
• گورنر | سيد محمد خالد ھاشمي |
• ڊپٽي گورنر | محمد نبي صافي |
پکيڙ | |
• ڪل | 1,842.1 ڪ.م2 (711.2 ميل2) |
آبادي (2015)[1] | |
• ڪل | 441,010 |
بند ڪريو
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/8/86/Pashai_girl_in_Afghanistan%2C_wearing_distinctive_Pashai_clothing.jpg/640px-Pashai_girl_in_Afghanistan%2C_wearing_distinctive_Pashai_clothing.jpg)
2010 ۾ ھن صوبي جي آبادي وڌي 406,200 ٿي وئي. [3] ھتي جي ماڻھن جو سڀ کان وڏو نسلي گروھ تاجڪ آبادي جو آھي جيڪي پوري آبادي جو اڌ آھن. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي پختون 30 سيڪڙو آھن جن ۾ صافي پڻ شامل آھن، ان کان پوءِ پاشائي نسل جا ماڻھو 17 سيڪڙو آھن.[1][4][5] باقي آبادي ۾ ھزارا ۽ نورستاني نسل جا ماڻھو شامل آهن.