ڇتيس ڳڙھ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڇتيس ڳڙھ(انگريزي: Chhattisgarh ) انڊيا جي ھڪ رياست جو نالو آهي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ رائي پور آھي. ان نالي جي معني آهي 36 قلعا. ھي رياست انڊيا جي وچ اوڀر ۾ واقع آهي ۽ ان جي پکيڙ 135٬191 km2 (52٬198 sq mi) آهي .[3] ۽ 2011 ۾ آبادي 255 لک ھيس. 27 ضلعن تي مشتمل ھن رياست جي اتر اولھ ۾ مڌيا پرديش، اتر ۾ اتر پرديش، اتر اوڀر ۾ جرکنڊ، ڏکڻ اولھ ۾ مھاراشٽر، ڏکڻ ۾ تلنگانا ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ اوڙيسيا واقع آهن. ھي رياست انڊيا جي سڀ کان وڌيڪَ اسٽيل ۽ بجلي پيدا ڪندڙ رياست آھي. انڊيا جو 15 سيڪڙو اسٽيل ھي رياست فراھم ڪري ٿي.[4] ھي رياست انڊيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ رياست آھي .[5] ھن رياست جو قيام پھرين نومبر 2000 ۾ ٿيو. ھي رياست مڌيا پرديش جي ڏھ ڇتيس ڳڙھي ٻولي وارن ضلعن ۽ ڇھ گوندي ٻولي وارن ضلعن کي ڌار ڪري ٺاھي وئي.[6][7]
ترت ڄاڻ ڇتيس ڳڙھ, ملڪ ...
ڇتيس ڳڙھ | |||||
---|---|---|---|---|---|
رياست | |||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: چتراڪوٽ آبشار، سوامي وويڪنند ايئرپورٽ، سري پور وارو لڇمڻ مندر | |||||
| |||||
انڊيا۾ مقام | |||||
جاگرافي بيهڪ: 21.25°N 81.60°E / 21.25; 81.60 | |||||
ملڪ | ڀارت | ||||
قيام | 1 نومبر 2000† | ||||
گادي جو هنڌ | رائي پور | ||||
وڏي ۾ وڏو شھر | رائي پور | ||||
ضلعا | 27 | ||||
حڪومت | |||||
• گورنر | آننديبن پٽيل | ||||
• وزيراعلي | ڀوپيش باگيل (آء اين سي ) | ||||
• مقننہ | ھڪ ايواني ( ٽوٽل 90 سيٽون ) | ||||
• پارليامينٽ ۾ نمائندگي | راجيا سڀا 5 سيٽون
لوڪ سڀا ۾ 11 سيٽون | ||||
• ھاء ڪورٽ | ڇتيس ڳڙھ ھاء ڪورٽ | ||||
پکيڙ[1] | |||||
• ڪل | 135,191 ڪ.م2 (52,198 ميل2) | ||||
پکيڙ ۾ درجو | انڊيا جي پکيڙ ۾ ڏھين وڏي رياست | ||||
آبادي (2011)[2] | |||||
• ڪل | 25,545,198 |
بند ڪريو